97

افغانستان: اهي پنج سبق جيڪي نائن اليون کانپوءِ اسان سکيا يا نه؟

ليکڪ: فرينڪ گارڊنر

اهي ڪهڙا سبق آهن جيڪي اسان 20 سال سڄي دنيا ۾ دهشتگردي خلاف وڙهي سکيا آهن؟ ڇا ڪارآمد رهيو ۽ ڇا نه؟ اڄ جڏهن افغانستان ۾ هڪ اهڙي تنظيم اقتدار تي آهي جيڪا القاعده کي ٺڪاڻا ڏيندي هئي، ڇا اسان 11 سيپٽمبر 2001ع جي مقابلي ۾ وڌيڪ سمجهدار ٿيا آهيون يا نه؟ اُن وقت آمريڪا پنهنجي سرزمين تي ٿيندڙ بدترين حملي جي تناظر ۾ هر شيءِ ڏسي رهيو هو ۽ هر شيءِ ڪاري ۽ اڇي ۾ ورهائجي وئي هئي، سٺا ماڻهو ۽ خراب ماڻهو هئا، حملي جي 9 ڏينهن کانپوءِ صدر بش چيو ته هر قوم هر خطي کي هاڻ فيصلو ڪرڻو آهي يا اوهان اسان سان گڏ آهيو يا اوهان دهشتگردن سان آهيو؟ ۽ پوءِ نام نهاد وار آن ٽيرر شروع ٿي وئي، ان جنگ ۾ افغانستان تي حملو ڪيو ويو، عراق تي حملو ڪيو ويو، ان عرصي دوران انتهاپسند تنظيم نام نهاد دولتِ اسلاميه پروان چڙهي، وچ ايشيا ۾ ايران جون حامي مليشيا پکڙجڻ لڳيون، هزارين فوجي ۽ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ سويلين ماريا ويا، پر پوءِ به دهشتگردي ختم نه ٿي، هر وڏي يورپي ملڪ ۾ گذريل سالن ۾ حملا ٿيا آهن پر دهشتگردي خلاف ڪاميابي به ملي آهي، ڇو ته 9/11 کانپوءِ اسان کي ڪنهن ٻئي قسم جي حملي کي منهن ڏيڻو ناهي پيو، القاعده جا افغانستان مان اڏا ختم ٿيا آهن، ان جي قيادت کي پڪڙيو ويو آهي، انتهاپسند تنظيم نام نهاد دولتِ اسلاميه جنهن عراق ۽ شام ۾ تباهي مچائي هئي ان کي ختم ڪيو ويو آهي، هيٺ ڏنل لسٽ تڪراري ۽ غير مڪمل آهي، اهو منهنجي پنهنجي تجربن تي ٻڌل آهي جيڪو مون وچ اوڀر، افغانستان، واشنگٽن ۽ گوانتاناموبي ۾ وڃي حاصل ڪيو آهي.

اهم انٽيليجنس جي مٽا سٽا ڪئي وڃي: اشارا هئا پر ڪو به وقت تي ڪڙيون جوڙي نه سگهيو، 9/11 کان ڪجهه مهينا اڳ آمريڪا جي ٻنهي وڏين انٽيليجنس ايجنسين سي آءِ اي ۽ ايف بي آءِ کي خبر هئي ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي پر گهرو ۽ پرڏيهي انٽيليجنس وچ ۾ ايتري ڇڪتاڻ هئي جو هو هڪٻئي کي ٻڌائيندا ئي نه هئا، هاڻ 9/11 ڪميشن جي رپورٽ به ڪيترين ئي غلطين جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ شيون بهتر ٿيون آهن، 2006ع ۾ جڏهن آئون ورجينيا ۾ آمريڪا جي قومي دهشتگرد ٽوڙ سينٽر ويو هئس ته مون کي ڏيکاريو ويو هو ته 17 آمريڪي ايجنسيون هر روز پنهنجي انٽيليجنس کي گڏ ڪري هڪٻئي سان ان جي ڏي وٺ ڪن ٿيون.برطانيا جوائنٽ ٽيررزم اينالائسز سينٽر جي نالي سان پنهنجو به هڪ سينٽر ٺاهيو آهي، جتي ايم آءِ 5، ايم آءِ 6، دفاع واري وزير، ٽرانسپورٽ وزارت، صحت واري وزارت ۽ ٻيا ادارا گڏجي ويهي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر برطانوي شهرين کي موجود خطرن جو ترتيبوار جائزو وٺن ٿا پر اهو نظام پرفيڪٽ نه آهي، برطانيا ۾ سينٽر قائم ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ القاعده لنڊن ۾ 7-7 حملا ڪيا، جنهن ۾ برطانوي شهرين جو استعمال ڪري 50 ماڻهن کي ماريو ويو، ان کان ٻئي سال ڪيترن ئي جهازن کي هوا ۾ بم سان اڏائڻ جو هڪ پلان پاڪستان جي مدد سان روڪيو ويو، پر 2017ع ۾ برطانيا ۾ مانچسٽر بم حملا ٿيا، ان ڪري جيڪڏهن ترجيحون درست نه هجن ته انٽيليجنس کي بهتر نموني گڏ ڪرڻ باوجود حملا ٿي سگهن ٿا، 2015ع ۾ پيرس ۾ باٽا ڪلان حملا، جن ۾ 130 ماڻهو ماريا ويا هئا ۽ انهن جا ڪيس اڃا به هلندڙ آهن، جزوي طور تي ان جي ڪري ٿيا ته يورپي عملدار بروقت سرحد پار انٽيليجنس پهچائي نه سگهيا.

پنهنجي مشن جو تعين ڪريو ان تان ڌيان نه هٽايو: افغانستان ۾ طالبان جي واپسي جي ڪيترن ئي سببن مان هڪ انتهائي اهم آهي، آمريڪا جو 2003ع ۾ عراق تي حملو اهو غلط فيصلو افغانستان جي حالتن تان ڌيان هٽائڻ جو هڪ وڏو سبب هو، ڪيترائي آمريڪي ۽ برطانوي فوجي جيڪي ڪاميابيءَ سان القاعده جو پيڇو ڪري رهيا هئا ۽ افغان ساٿين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا ته جيئن طالبان جارحاڻا انداز اختيار نه ڪري سگهن، انهن کي کڻي عراق موڪليو ويو هو، ان جي ڪري طالبان ۽ ٻيا گروهه افغانستان ۾ موٽي سگهيا، نومبر 2003ع ۾ جڏهن افغانستان ۾ آئون آمريڪي مورچن ۾ ويس ته اتي ان وقت به فوج پاڻ کي آپريشن فارگاٽن جو حصو چئي رهي هئي، اسان اڪثر اهو وساري ويهون ٿا ته افغانستان جي شروعاتي مشن واضح هئي ۽ صحيح نموني ان تي عمل به ڪيو ويو، طالبان حملو ڪندڙن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ آمريڪا کي اتر اتحاد سان گڏجي طالبان ۽ القاعده کي هٽائڻو هو، ان کانپوءِ وارن سالن ۾ اهو مشن تبديل ٿيندو ويو ۽ ڪيترن ئي مختلف رخن ۾ پکڙجي ويو، ان دوران ڪيترن ئي افغانين جي زندگي ته بهتر ٿي پر قوم سازي جي نالي تي اربين ڊالر بدعنواني جي نظر ٿي ويا.

ساٿين جي چونڊ ڌيان سان ڪريو: برطانيا پنهنجي ويجهي ترين ساٿي آمريڪا سان 2003ع جي عراق تي حملي ۾ ڀائيواري جو مطلب هو ته برطانيا ان حوالي سان سمورن اهم فيصلن ۾ جونيئر پارٽنر هو، عراقي فوج کي ختم نه ڪرڻ ۽ بعث پارٽي جي سمورن ماڻهن تي پابنديون نه لڳائڻ جي اپيلن تي غور نه ڪيو ويو، نتيجو انتهائي تباهه ڪندڙ هو، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ناراض ۽ بيدخل ڪيل پوري عراقي فوج ۽ انٽيليجنس برادري جهادين سان گڏجي وئي، آخر ۾ اهي داعش جي صورت ۾ سامهون آيا، 9/11 کانپوءِ عالمي سطح تي جيڪا افراتفري پکڙي هئي ان جي ڪري آمريڪي ۽ برطانوي انٽيليجنس اهڙن حڪمرانن سان ڪم ڪرڻ لڳي جن جو انساني حقن جي حوالي سان رڪارڊ انتهائي پريشان ڪندڙ هو ۽ ان جو نتيجو به ڀوڳڻو پيو، مثال طور 2011ع ۾ ڪرنل قذافي کي ليبيا مان جڏهن هٽايو ويو ته صحافين کي هڪ خط مليو ته جنهن ۾ هڪ سينيئر ايم آءِ 6 جي آفيسر ليبيا ۾ پنهنجي هم منصب کي لکيو هو هن هڪ شخص جي گرفتاري ۽ ملڪ بدري جي درخواست ڪئي هئي اڄ پرتشدد جهاد آفريڪا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڀري رهيو آهي ۽ مغربي ملڪن وٽ پنهنجا اتحادي يا ساٿي ٺاهڻ لاءِ ڪير به نه آهي.

انساني حقن جي پاسداري ڪريو يا اخلاقي قدرن جي دعويٰ ڇڏي ڏيو: وچ اوڀر ۾ مون کي ماڻهن ڪيترائي ڀيرا چيو ته اسان کي آمريڪي پرڏيهي پاليسي ڀلي پسند نه هجي پر گوانتاناموبي کان اڳ اسان ان جي قانون جي عزت ضرورت ڪندا هئاسين،  جنگ جي ميدان ۾ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جن مان ڪيترائي معصوم ۽ بيگناهه هئا ۽ انعامي رقم لاءِ انهن کي وڪڻيو ويو هو ۽ انهن سڀني کي نيپي پارائي سندن اکين تي پٺيون ٻڌي دنيا جي ٻين ڪنڊن ۾ ڪيوبا ۾ آمريڪي بحريا جي حراستي مرڪز ۾ رکڻ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي ساک کي سخت نقصان پهچايو، بنا ڪيس جي حراست آمراڻيون حڪومتون ڪنديون آهن ۽ عربن کي آمريڪا کان ان قسم جي اميد نه هئي ۽ پوءِ اتي ٿيندڙ بدترين تشدد جون ڳالهيون ته پوءِ نڪتيون جيئن واٽر بورڊنگ، سي آءِ اي جي بليڪ سائيٽن تي تشدد جتي مبينا دهشتگرد غائب ٿي ويندا هئا، اوباما انتظاميا ان کي بند ڪيو پر گهڻو نقصان اڳ ئي ٿي چڪو هو.

فرار جو رستو رکو: 9/11 کان مغربي مداخلتون ڪڏهن تيز ۽ ڪڏهن آهستي هيون، سيئره ليون ڪوسووه، ڊزرٽ اسٽورٽ 1991 سڀني جو ڪو مخصوص مدو هو پر آمريڪا جي افغانستان ۽ عراق ۾ ويڙهه کي دائمي جنگ جو نالو ملڻ لڳو هو، 2001ع کان 2003ع ۾ ڪو سوچي به نٿي سگهيو ته ان ۾ 20 سال لڳي ويندا، سادن لفظن ۾ چئون ته مغربي ملڪن کي خبر ئي نه هئي ته هو ڪهڙي ڪم تي وڃي رهيا آهن ۽ انهن وٽ ڪو حقيقت پسندي وارو نيڪال جو رستو نه هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن مغربي ملڪ 2001ع ۾ طالبان ۽ القاعده کي افغانستان مان نه هٽائين ها ته اتان وڌيڪ حملا ٿي سگهيا ٿي، ان ملڪ ۾ دهشتگردي ٽوڙ مشن ناڪام ناهي ٿيو پر ملڪ سازيءَ جو مشن ڪڏهن به مڪمل ئي ناهي ٿيو ۽ اڄ جيڪا تصوير ماڻهن جي ذهن ۾ هوندي اها اها هوندي ته افغان انهن جهازن ۾ لٽڪي رهيا هئا ته جيئن اهي ملڪ مان وڃي سگهن، جنهن کي مغرب ته تباهه حال ڇڏي ئي ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو