ليکڪ: رياض ابڙو
چين جتي 36 ملڪن سان زميني رستا بحال ڪري ٿو اتي انهن ملڪن کي واپار ڪرڻ ۾ آسانيون به پيدا ڪري ٿو ڏئي، ڇو ته ٽي ڏهاڪا اڳ ۽ هاڻوڪي سياسي، سماجي ۽ صنعتي بهيڪن ۾ فرق آهي، هاڻوڪي صورتحال ۾ معاشي لاڳاپا وڏي اهميت رکن ٿا، هاڻ جنگي توپن تلوارن، بمن گولن، هاٿين گهوڙن ۽ جٿن جي ضرورت ناهي رهي، جيڪي ملڪ پاڻ ۾ معاشي لاڳاپا بحال رکن ٿا اهي هڪٻئي جي لاءِ واپار، امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس به روان دوان رکن ٿا، ان ڪري وچ ايشيائي ملڪن ۾ جيترو چين جو واپار هلي ٿو ۽ جيترو چين سلڪ روڊ رستي يورپ ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍيل آ هي اوترو آمريڪا ناهي، ۽ معاشي، صنعتي ۽ واپار جي صورتحال جيڪڏهن اها ئي رهي ته پوءِ آمريڪا جي لاءِ انتهائي مشڪل ٿي پوندو ته اهو هن خطي ۾ پنهنجا انٽريسٽ برقرار رکي سگهي. هاڻوڪي پيش منظر ۾ يو ايس ايڊ يا يورپين يونين جي ذريعي يونائيٽيڊ نيشنز انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ تحت يونيسيف جي بي اي ايس (بلوچستان ايجوڪيشن فنڊ) جي پروگرام لاءِ فنڊنگ ڪئي آهي جيڪو منصوبو پنجن سالن ۾ پورو ٿيندو، يونيسيف بلوچستان ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ 17.4 ملين يورو (3.27) بلين روپيا ڏيندو ته جيئن اهڙن پٺتي پيل علائقن ۾ ٻارن جي تعليم جو پورائو ڪري سگهجي، وري گوادر جي لاءِ چين جي منصوبن جي ڳالهھ نرالي آهي، جنهن ۾ چائينا 50 بلين ڊالر جي شروعاتي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو جنهن تحت گوادر پورٽ تي ترقياتي ڪمن جو آغاز ٿيو، ڇو ته سي پيڪ جي شروعات سان بيجنگ سرڪار کي اها پڪي اميد آهي ته سلڪ روڊ رستي جتي 36 ملڪن کي ڳنڍي سگهجي ٿو اتي سي پيڪ وچ ايشيائي ملڪن سان گڏ يورپ جي ملڪن کي به روڊ رستي ڳنڍيندو، جتي واپار، امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ روزگار جا نوان وسيلا اڀري ايندا، خطي ۾ خوشحالي ايندي،سي پيڪ ته شاٽ ڪٽ رستو ثابت ٿيندو جنهن سان گھڻي ۾ گھڻو فائدو چائنا کي ٿيندو، جو ان جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ وڌندي، جيڪا ڳالهھ آمريڪا لاءِ وڏي خطري ۽ رنجش جي به آهي ته اهي ڪيئن به ڪري اهڙي ترقي، واپار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن ۾ مداخلت ڪري انهن کي روڪن يا ان ڪم ۾ جيتري به دير ڪري سگهن ڪن، گوادر پورٽ جي 626 ڪلوميٽر جي پکيڙ وارو علائقو چين جي ليز تي ورتل ملڪيت آهي، جنهن ۾ هاڻي آمريڪا جي مداخلت يا دير ڪرائڻ واري اسٽريٽجي ڪم جي ناهي، چين جي سيڙپڪاري تمام گهڻي آهي، جو گوادر پورٽ جي ٺهي پوڻ سان سي پيڪ جي روڊ رستن جي جڙي پوڻ سان، اتان ريل جا ٽريڪ به هلندا، اتان تيل، گئس ۽ پيٽرول جو لائينون به وڇائيندا ته جيئن اتان کان چين کي وچ ايشيائي ملڪن مان تيل جي رسد ۾ آساني ٿي سگهي، ۽ اتان جي ڪمايل دولتن مان چائينا 91 سيڪڙو روينيو پاڻ کڻي ويندي، ڇو ته گوادر پورٽ تي واپار، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ته چائنا هلائيندو، وري آمريڪي سيڙپڪاري جي ڳالھه نه ڪجي ته زيادتي ٿيندي، ڇو ته توانائي، تعليم، خواندگي، اسٽريٽجڪ معاملن ۾ جيتري امداد ۽ جيتري سيڙپڪاري آمريڪا ڪري پيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، هاڻوڪي بيانن مطابق اهي پاڪستان اندر سيڙپڪاريون به ڪندا، صنعتون هڻندا ته جيئن هتان جو عوام به ان مان فائدو وٺي، ڇو ته پاڪستان 2019ع کان اڳ 4 بلين کان مٿي جي ايڪسپورٽ ڪري چڪو آهي، معنيٰ ائين ناهي ته پاڪستان ۾ رڳو چين جي سيڙپڪاري آهي، پر هتي ته ايڪسپورٽ ۽ صنعتي ميدان ۾ دنيا جي سڀني ملڪن جو حصو ڳنڍيل آهي، جيئن هاڻي ڊينمارڪ پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ 2030ع تائين 60 سيڪڙو گهريلو ڪچري، سج، هوا، مال جي ڇيڻن ۽ سمنڊ جي لهرن مان بجلي جا پروجڪٽ تيار ڪري ڏيندو، هر سيڙپڪار ۽ صنعتڪار ملڪ چاهي ٿو ته هو اسان وٽ اهڙا سيٽ اپ هڻي جنهن ۾ هو پاڻ به ڪمائي کائي ۽ هتان جي ماڻهن جو به گذر سفر ٿئي، هتي آمريڪي سڙپڪارن جي 1.5 بلين تائين ڊائريڪٽ سيڙپڪاري به ٿيل آهي، مثال هتي 60 اهڙيون آمريڪي ڪمپنيون به آهن جيڪي ڏھه لک پاڪستانين کي نوڪريون مهيا ڪن ٿيون، جنهن مان رياست کي هڪ بلين ڊالر رڳو ٽيڪس جي مد ۾ ملي ٿو، زراعت، لائيو اسٽاڪ، مڇين جي فارمنگ، ڪپهھ جي ايڪسپورٽ ۽ فروٽن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ساراھه جوڳي آهي جو ان سان پاڪستان کي هر سال 200 ملين ڊالرز جي ڪمائي به ٿئي ٿي، ونڊ پاور پروجيڪٽس ۽ سولر پاور پروجيڪٽس جي 42 منصوبن لاءِ آمريڪي امداد به ڪا معمولي ڳالهھ يا خالي حوال به ناهي، ۽ اهو قرض ناهي اها مدد آهي وري 750 ملين ڊالرز جي امداد جنهن ۾ نوان بجلي منصوبا اڏڻ به سٺو سنئوڻ آهي، وري يو ايس ايڊ تي آءِ بي اي، نسٽ ۽ لمس وغيره جهڙيون يونيورسٽيون 18 هزار اسڪالرشپ پروگرام به هلائن ٿيون ۽ هر سال تقريبن 800 پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپ تي آمريڪا پاڻ وٽ گهرائي ٿو، اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڳوري ضرور آهي ته چين جي منصوبن جا پاسدار ٿيون يا آمريڪا جي مفادن جي جنگ وڙهون.