ليکڪ: قاضي جاويد سنائي
حمل فقير کي اسان کان وڇڙي 146 سال ٿيا آهن پر کيس ياد 45 سالن کان ڪيو پيو وڃي، اهو به سلام آهي سنڌوءَ ڪناري آباد هڪ استاد ۽ ڏاهي عنايت الله گائنچو کي جيڪو عنايت الله ڌمچر جي نالي سان مشهور ٿيو، هن 1976ع ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سائين جي ايم سيد جي پٽ سيد امداد محمد شاھه تي زور ڀريو ته اوهان سڪرنڊ ۾ رهو ٿا سڪرنڊ جي ڀرپاسي دنيا جو عظيم شاعر دفن ٿيل آهي، جنهن کي حمل فقير لغاري چون ٿا، استاد جي چوڻ تي امداد شاهه حمل فقير لغاري جي قبر جي ڳولا شروع ڪئي ۽ نيٺ سڪرنڊ لڳ ڳوٺ مير خان لغاري ۾ پراڻن ماڻھن کان پڇا ڪندي ڪندي حمل فقير لغاري جي قبر جي سڃاڻپ ٿي جيڪا سندس قبر تان ڀڳل هڪ ٺڪري مان ٿي، جنهن تي حمل فقير لکيل هو، امداد شاھه سڀ کان پهرين ان قبر کي ٻيهر ظاهر ڪري نئين سر ڪچو ڪري جوڙايو، جيڪا جلد پڪي ڪرائي چوکنڊي پڻ ڏياري وئي ان بعد سنڌي ادبي سنگت جي سهڪار سان حمل فقير جي نالي سان ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ جو ٻوٽو پوکيو، اڄ اهو وڻ نه صرف ڇانوَ ڏئي رهيو آهي پر ادبي ڦل پڻ ڏئي رهيو آهي امداد شاھه پنهنجي ذاتي حيثيت سان ان وقت جي وڏي وزير سيد غوث علي شاھه، ضلعي ڪائونسل نوابشاھه ۽ سرندي وارن سان رابطو ڪري حمل جي تدريسي ۽ فڪري تعليم کي ٻيهر جاري رکڻ لاءِ جامع منصوبو جوڙيو جنهن تحت ڳوٺ خير محمد لغاري ۾ ادبي ڪانفرنس ڪرائي حمل جي پيغام کي ماڻھن تائين پهچايو ويو ان سلسلي ۾ سندس ديني خدمتن ۽ بند ٿيل تدريسي عمل کي ٻيهر جاري رکڻ لاءِ سڪرنڊ جي واپاري مرحوم سيٺ محمد ابراهيم ميمڻ سنائي مسجد جوڙائي جڏهن ته نالي واري دانشور مرحوم حفيظ قريشي، سيٺ مرحوم خدا بخش ميمڻ سنائي ۽ مرحوم استاد ڄام خان لغاري الڳ الڳ ٽي ڪمرا جوڙايا جيڪي اڄ به قائم آهن 1981 ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھه ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس جو اهتمام پاڻ تي کنيو ۽ هر سال هي ميلو لڳندو رهيو جيڪو عام ميلن کان هٽي رهيو، مون مٿي ذڪر ڪيو هو ته امداد شاھه جي سوچ اجتماعي ۽ سماجي هوندي هئي سو هن حمل فقير جي ميلي مان اهي ٻئي مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب ويو ادبي ڪانفرنس سان فڪري سوچ جي پکيڙ ۽ ميلي ۾ زرعي ۽ مال جي ڄاڻ بابت نمائشون لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ايئن هي ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس ملهائڻ لاءِ ڪلچرل ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن جي نگراني روينيو ۽ تعليم کاتي جا ضلعي آفيسر ڪندا هئا 2004 ع ۾ سيد امداد محمد شاھه جي وفات کانپوءِ سندس لائق فرزند سيد زين شاھه پڻ پنهنجي والد جي پوکيل ٻوٽي جي حفاظت جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ اهو به حمل جو ميلو ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪرائيندو رهيو جيڪو 2007 ع تائين جاري رهي سگهيو آخري ميلي ۾ ضلعي ناظمه فريال ٽالپر پڻ شامل هئي ان کان پوءِ ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس بند ٿي ويا، 10 سالن کان بند پيل عرس کي ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ سال 2017 ع ۾ علم ۽ ادب سان چاھه رکندڙ سڪرنڊ جي معروف شخصيت محمد صالح ڪيريو ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري سان ملاقات ڪري کيس ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس جو چيو جنهن هاڪاري جواب ڏئي سموري ذميواري پاڻ تي کڻي ثقافت کاتي پاران ميلي کي ٻيهر شروع ڪرايو ۽ گذريل سال به محمد صالح ڪيريو جي ٻيهر ڪوشش ڪم آئي ۽ 2018 ۾ به ثقافت کاتي سان ملاقاتون ڪري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ سيڪريٽري ثقافت سميت ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ کي حمل فقير جو عرس لڳائڻ لاءِ قائل ڪيو پر گذريل ٻن سالن کان ڪووڊ جي ڪري عرس مبارڪ ميلي جي صورت ۾ نه پيو ٿئي باقي چادر چاڙھڻ جي رسم ايس او پيز تحت هلندي اچي اڄ حمل فقير آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي سربراھ محمد صالح ڪيريو اعلان ڪيو آهي ته اڄ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو درگاھه شريف تي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪندو جڏھن ته ڪالهه جمعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران فلڪ شير اوڏ جي اڳواڻيءَ ۾ چادر چاڙهي وئي.