109

هر هفتي وڌندڙ مهانگائي، غريب نيٺ ڪيئن گذران ڪري؟

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت جي شماريات کاتي پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 13.64 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 17.20 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي شماريات کاتي ڄاڻايو آهي ته هڪ هفتي دوران مهانگائيءَ جي شرح ۾ 1.37 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ هفتي اندر 24 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، 5 شين جا اگهه گهٽيا آهن، جڏهن ته 22 شين جا اگهه نه گهٽيا ۽ نه وڌيا آهن، شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 57 رپيا 85 پئسا وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن سبب 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1222 رپيا 7 پئسا ٿي وئي آهي، زندهه مرغي جي في ڪلو قيمت ۾ 15 رپيا 27 پئسا واڌ ٿي آهي، جنهن سان ان جي قيمت 214 رپيا 47 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته گيهه پوڻا 5 رپيا مهانگو ٿيو آهي، جنهن سان ان جي اوسط قيمت 342 رپيا 66 پئسا ٿي وئي آهي. شماريات کاتي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته بصر جي في ڪلو قيمت ۾ 11 رپيا 92 پئسا واڌ ٿي آهي، هڪ هفتي اندر ٽماٽو 11 رپيا 36 پئسا، پٽاٽو 68 رپيا، ٿوم 3 رپيا 63 پئسا، مسور جي دال 3 رپيا 65 پئسا مهانگي ٿي آهي، بيضا 6 رپيا 29 پئسا في درجن ۽ بيف 6 رپيا 10 پئسا  في ڪلو مهانگا ٿيا آهن. وفاقي حڪومت جي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته تازو کير، مٽن، دال چڻا، چانور ۽ دال ماش به مهانگا ٿيا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هفتي ۾ ڪيلا 2 رپيا 53 پئسا في درجن سستا ٿيا آهن، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 49 رپيا 70 پئسا سستو ٿيو آهي، چانور، مڱن جي دال ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اها هن ملڪ جي غريب عوام جي بدقسمتي آهي ته اهڙو ڪو به هفتو ناهي آيو جنهن ۾ ماڻهن کي ڪا خوشخبري يا رليف جي خبر ملي هجي، ائين به ناهي ته ڪو هي ميڊيا يا مخالف ڌر جي رپورٽ آهي پر هر هفتي وفاقي ادارو جيڪا رپورٽ ڏئي ٿو، اها خاص ڪري غريب ماڻهن جي لاءِ انتهائي مايوس ڪندڙ رپورٽ هوندي آهي، هفتيوار رپورٽ ۾ جيڪي انگ اکر ڄاڻايا ويا آهن، انهن مطابق اٽي کان ويندي عام واهپي جي شين جا اگهه ئي وڌيا آهن، اهي شيون جن کانسواءِ زندگيءَ جو گذارو ممڪن نه آهي، ان ڪري عوام اهو سوال ڪرڻ ۾ حق تي آهي ته نيٺ موجوده حڪومت انهن جو جياپو ڇو سوڙهو ڪري رهي آهي، انهن کي نيٺ ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو ئي نٿو اچي، ان کانسواءِ اهي به خبرون آهن ته حڪومت مقامي سستي کنڊ ڇڏي پرڏيهه مان مهانگي کنڊ گهرائي آهي، جيڪا هلندڙ مهيني ئي ملڪ ۾ پهچي ويندي ۽ ڄاڻايل کنڊ جن اگهن تي ورتي وئي آهي، انهن تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي به کنڊ 123 رپيا في ڪلو پلئه پوندي، هاڻ جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته نيٺ عوام مجبور ٿي روڊن تي نڪرندو، هڪ چيني چوڻي آهي ته ” شايد سرڪار جا ڪن پيرن ۾ آهن“ ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته عوام جو آواز لتاڙڻ بدران عوام جي واهر ڪئي وڃي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته مهانگائي جو ستايل ماڻهو روڊن تي نڪري اچي ۽ پوءِ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو