ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان مثبت ۽ تعميري سياست جو سبق ڪڏهن سکيو ئي ناهي ۽ نيازي حڪومت جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ايندڙ عام چونڊن ۾ انڌي ڌانڌلي جي منصوبابندي آهي جڏهن ته پاڪستان اليڪشن ڪميشن کي باھ ڏيڻ جا لفظ به عمران خان چيا آھن ـ اھڙين ڳالهين جا اظهار ڪالهه ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تي وفاقي وزيرن جي ڪاوڙ عمران خان جي سوچ جي عڪاسي آهي ۽ عمران خان مست ڍڳو ٿي ڪري ملڪي ادارن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو ـ ھن چيو ته پارليامينٽ ۾ هر جمهوريت پسند اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شازيا مري چيو ته .
