سوڊان (ويب ڊيسڪ) اتر افريڪا جي ملڪ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل پاڪ فوج جو لانس نائيڪ شهيد ٿي ويو، ايف سي بلوچستان جو لڪي مروت واسي لانس نائيڪ عادل جان شهادت ماڻي، وارثن کي ا طلاع ڏنو ويو، عادل جان دار فور ۾ شهرين جي حفاظت ۽ مدد جي ذميواري سرانجام ڏئي رهيو هو، آءِ ايس پي آر موجب گڏيل قومن جي مشن ۾ فرض سرانجام ڏيندي 161 پاڪستاني فوجي شهيد ٿي چڪا آهن.
