119

وفاقي حڪومت جو نيون عام چونڊون 2023 ۾ نئين آدمشماريءَ جي بنياد تي ڪرائڻ جو فيصلو، ڪراچي ۾ گرين لائين رٿا مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جو نيون عام چونڊون 2023 ۾ نئين آدمشماريءَ  جي بنياد تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۽ آدمشماري ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾   ڪراچي ۾ وفاقي وزير علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪنديوفاقي وزير اسد عمر چيو ته آدمشماري  ڪراچي جو وڏو مسئلو رهيو آهي، پرويز مشرف وردي ۾ ۽ چيف ايگزيڪيوٽِوِ هوندي به آدمشماري نه ڪرائي سگهيو، 2017 واري آدمشماريءَ تي اعتراض سامهون آيا، سنڌ حڪومت آدم شماري جي سڄي ڊيٽا گڏ ڪئي ۽ پاڻ ئي احتجاج ڪيو. اسد عمر وڌيڪ چيو ته  نئين آدمشماريءَ لاءِ سمري تيار ڪري موڪلي ڇڏي آهي جيڪا وفاقي ڪابينا مان منظوريءَ کان پوءِ  گڏيل مفادن واري ڪونسل ڏانهن موڪلي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪونسل جي منظوريءَ کان پوءِآدمشماريءَ جو  عمل 18 مهينن ۾ پورو ڪرڻو آهي، آدمشماري ٿيڻ کان پوءِ نيون تڪ بنديون پڻ ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي آدمشماري، ڪئي ويندي، جنهن ۾ نادرا، ٽيلي سيڪٽر جي ڪمپنين کان به مدد ورتي وينديۡ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل رکيو ويندو، پيپلز پارٽي به مدد ڪرڻ گهري ته ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته  نئين آدمشماري 18 مهينن ۾ مڪمل ٿيندي. 2023 جي شروعات تائين آدمشماري مڪمل ڪرڻ جو هدف آهي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته  ڪي فور رٿا جي ڊزائن مڪمل ٿيڻ واري آهي، گرين لائين لاءِ 40 بسون اچڻ واريون آهن، سرڪلر ريلوي رٿا جو ڪم هلندڙ مهيني شروع ٿيندو. عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ ٻيهر به وزيراعظم ٿيندو، سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ دير پئي ڪري ان جو فائدو به اسان کي ٿيندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي تي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کان وڌيڪ ڪم ڪرايا. هن چيو ته هڪ سال اڳ وزيراعظم ڪراچي لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، ڪراچي لاءِ گرين لائن منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي، ايندڙ هڪ مهيني ۾ رهيل ڪم مڪمل ٿي ويندا.ڪراچي ۾ ننڍا ننڍا ڪم به ڪنداسين، وفاقي حڪومت 11 لک ٽن ڪچرو هتان کڻي رهي آهي، احساس پروگرام تحت 7 ارب روپيا ڪراچي جي شهرين تائين پهچايا آهن.اسد عمر چيو ته ويڪسينيشن سينٽرن ۾ سنڌ جي وزيرن جون وڏيون وڏيون تصويرون نظر اچي رهيون آهن، وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ 10 ارب روپين کان وڌيڪ جي ڪورونا ويڪسين ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ويڪسين جو هڪ به ڊوز ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. وفاقي وزير موجب هلندڙ مالي سال ڪراچي لاءِ 21 ارب روپيا رکيا آهن، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ 65 ارب روپيا لڳايا آهن، وفاق ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ڪي ايم سي جو ٽيڪس وٺڻ جي اجازت نه ڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو