118

بجلي جي بلن ۾ ڪي ايم سي ٽڪس اوڳاڙي تي وفاقي حڪومت اعتراض واري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي بلن ۾ ڪي ايم سي ٽڪس اوڳاڙي تي وفاقي حڪومت اعتراض واري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته  وفاق ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس جي اجازت نه ڏيندو،جڏهن ته گونر عمران اسماعيل چيو ته بجلي جي بلن ۾ ڪراچي جي عوام کان ٽيڪس وصولي اضافي بار هوندو، اسان ان جي حق ۾ ناهيون، هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته  ڪي ايم سي ِٽيڪس بجلي بلن ۾ وصول ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ نيپرا سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا، ان ڪري ٽيڪس وصولي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو