118

اليڪشن ڪميشن پاران سياسي جماعتن کي بروقت انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کي بروقت انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سياسي جماعتن جي سربراهن کي لکيل خط ۾چيو ويو آهي ته اهيو پتو پيو آهي ته سياسي جماعتون بر وقت پارٽي اليڪشن نٿيون ڪرائين،بروقت پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ قانون ۽ جماعتي دستور جي ڀڃڪڙي آهي، وقت گذارڻ لاءِ مهلت جون درخواستون ڏنيون وڃن ٿيون،سموريون سياسي جماعتون پنهنجي مقرر ڪيل وقت اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائين، دير نه ڪئي وڃي، خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته  سياسي جماعتون اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 208 تحت پنهنجي پارٽي آئين مطابق انٽرا پارٽي چونڊن جون پابند آهن،هر سياسي جماعت 5 سالن اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو