ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قائد اعظم جي يوم وفات جي موقعي تي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سان گڏ ورڪس اينڊ سروسز کاتي واري صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاه مزار قائد تي حاضري ڀري. ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان بعد ورڪس اينڊ سروسز کاتي واري صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاه پنهنجي بيان ۾ چيو ته قائد اعظم جي زندگي قوم لاءِ مشعل راہ آهي. قائد اعظم جي ٻڌايل اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ ۾ قوم جي فلاح ۽ بھبود آھي. سيد ضياء عباس شاه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ قائد اعظم جو خواب ھو. ھن وڌيڪ چيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ھن جي خوابن کي پورو ڪندي ملڪ کي پھريون جمھوري آئين ڏنو. اڄ پاڪستان جي مسئلن کي دلدل مان ڪڍڻ لاءِ شھيد ڀٽو جو ڏوهٽو ڪوشان آهي. هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستاني عوام جي پھرين ترجيح پ پ پ کي اقتدار ۾ آڻڻ ھوندو. جڏهن ته ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت آڻڻ لاءِ پ پ پ جدوجهد جاري رکندي. سيد ضياء عباس شاه چيو ته چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي مقبوليت مان وفاقي حڪومت پريشان آهي.
135