لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪمرانن ٽن سالن ۾ به ڪا بهتري نه آندي آهي. پي ٽي آئي جي دور ۾ ملڪ ريورس گيئر ۾ هليو ويو آهي. نااهل حڪمرانن جي ڪري سمورو نظام ناڪاره ۽ مفلوج بڻجي ويو آهي. عدالتن ۾ انصاف نه آهي ، معيشت تباهي جي ور تعليم صحت سميت هر شيءِ جو ستيا ناس ٿي ويو آهي. پي ٽي آئي جي دور ۾ مهنگائي ، بيروزگاري ۽ ڪرپشن ۾ بيشمار واڌارو ٿي ويو آهي. سونامي آخر ڪار ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي غلامي بڻجي وئي آهي. حڪومت ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. صحافين سان گڏ آهيون ميڊيا ڊيولوپيمنٽ اٿارٽي کي رد ڪريون ٿا. سچ ته اهو آهي جو جمهوريت جي نالي تي ڪجهه خاندانن ملڪ تي قبضو ڄمايو آهي. سياسي جماعتون حقيقت ۾ بادشاهت چاهين ٿيون جنهن ۾ انهن کان ڪير به سوال ڪرڻ وارو نه هجي. سراج الحق چيو ته آئون قوم کان سوال ڪريان ٿو ته ڇا اسان ان نظام کي آڻڻ ۽ نافذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون جنهن جي خاطر قائد اعظم جي اڳواڻي ۾ ڪروڙين مسلمانن قربانيون ڏنيون هنيون. اچو اسلامي جي نالي تي حاصل ڪيل ان عظيم ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت جي نظام کي نافذ ڪرڻ جي جدوجهد ڪريون. اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي ان فرسودي نظام جي حوالي نٿا ڪري سگهون. عوام هاڻ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ۽ هاڻ آزمايل پارٽين کي رد ڪري،اهڙن خيالن جو اظهار هن تله گنگ چڪوال ضلع جي اڳوڻي امير ڊاڪٽر حميد الله جي ياد ۾ منعقد ڪيل هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.
119