174

ٿر ۾ ڪافي مسئلا آهن، خراب آر او پلانٽس فعال ڪنداسين، ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: ناصر شاهه

مٺي/اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت پاران ٿر جي سمورن آر او پلانٽن کي هلائڻ لاءِ ڏيڊ ارب جاري ڪرڻ باوجود اوسلو ڪمپني ٿر جا آر او پلانٽ هلائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويئي آهي، پلانٽ بند هجڻ وارين شڪايتن بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي خاص هدايتن تي بلديات کاتي جو صوبائي وزير سيد ناصر حُسين شاھ ٿر پهچي ويو، صوبائي وزير پاران مٺي ۾ ايشيا جي وڏي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ٻي نمبر آر او پلانٽ جو دورو ڪيو، صوبائي وزير جي دوري دوران ٻئي آر او پلانٽ غيرفعال مليا ۽ جڳاڙ ذريعي ڪمپني پلانٽ هلائي رهي هئي، ناصر شاھ مٺي ۾ ڊي سي آفيس ۾ ضلعي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائيندن سان گڏجاڻي ڪئي، جتي صوبائي وزير کي ڊي سي، اوسلو ڪمپني ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي پاران بريفنگ ڏني ويئي، صوبائي وزير اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ جي وزٽ تي پهتو، جتي پلانٽ خراب مليو، جنهن سبب ناصر شاھ پلانٽ جو دورو نه ڪيو ۽ اوسلو ڪمپني جي جنرل مئنيجر صفدر پاران صوبائي وزير ناصر شاھ کي پلانٽ بابت غلط بريفنگ ڏني ۽ بريفنگ دوران صحافين شڪايت ڪندي اوسلو ڪمپني جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا،غلط بريفنگ ڏيڻ تي صوبائي وزير اوسلو ڪمپني جي جنرل مئنيجر تي ڪاوڙجي پيو ۽ ڇنڊ پٽيندي سخت وارننگ ڏني،صوبائي وزير پاران ٿر ۾ پلانٽ خراب پيل هئڻ ۽ اوسلو ڪمپني جي ڪم مان مطعمن نه هجڻ جو اعتراف ڪيو، صوبائي وزير سيد ناصر حُسين شاھ چيو ته ٿر ۾ آر او پلانٽ خراب پيل آهن،آئون بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد علي شاھ جي هدايتن تي پهتو آهيان، اوسلو ڪمپني کي پلانٽ هلائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، پر ڪم مان مطعمن ناهيان، اوسلو ڪمپني کي اڳ ۾ فزيبلٽي رپورٽ ٺاهڻ گهرجي ها، هن چيو ته آر او پلانٽ ٿرين جي سهولت لاءِ ڏنا آهن جيڪر هر صورت ۾ بهتر بڻائي هلايا ويندا،آر او پلانٽ هلائيندڙ ڪمپني کي سخت وارننگ ڏيان ٿو ته جلد سمورا آر او پلانٽ جلد هلايا وڃن، منهنجي دوري کان اڳ پلانٽ فعال هجڻ کپن ها، پر وري به آئون جلد دورو ڪندس، هن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جون شڪايتون مليون آهن،اگر ضلعي انچارج ڪنهن جو فون نه ٿو کڻي ته هُو لاڏلو ڪونهي، جلد ٽپڙگول ڪرڻا پوندا، اسان اهڙي ڪنهن به آفيسر کي برداشت نه ڪنداسين، جيڪو عوام جو خيال نه ڪنداسين، هن چيو پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ مڪاني ادارن جو الڳ ٿيڻ سبب ڪافي مسئلا پيدا ٿيا آهن جيڪي جلد حل ڪنداسين،ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مستقل حل درياءُ جو پاڻي پهچائڻ آھي جيڪو پائيپ لائن ذريعي سڄي ٿر تائين پهچائڻ چاهيون ٿا، ٿر جي خراب پيل آر او پلانٽس مان 4 سئو آر او پلانٽس فعال ٿي چڪا آھن ۽ باقي خراب ۽ اڻپورن 3 سئو آر او پلانٽس کي به جلد فحال ڪري پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، ٿر ۾ آر اوپلانٽس اڻپورا ۽ خراب هجڻ جي ذميوار ڪمپني خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن جون تياريون ڪري چڪا آھيون چونڊن کان ڀڄڻ وارو تاثر غلط آھي،ٿر ۾ صحت سميت بنيادي سهوليتن جا ڪافي مسئلا آھن انهن کان انڪاري ناهيون مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪنداسين، هوڏانهن هن دربار هال مٺي ۾ آر او پلانٽس بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪئي،گڏجاڻي ۾ وزير اعلي سنڌ جي راندين بابت معاون خصوصي ارباب لطف الله،ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي،ايم پي ايز قاسم سراج سومرو، فقير شير محمد بلالاڻي،ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو،پي پي اڳواڻ سشيل ملاڻي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي،صوبائي وزير بلديات سيد ناصرحسين شاھ هدايت ڪئي ته جيڪي آر او پلانٽ پلانٽ نٿا هلن انهن جي فوري بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن،ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪندس مون کي ڪارڪردگي گهرجي،ڊپٽي ڪمشنر سموري ڪم جي پاڻ نگراني ڪري، آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائين،آفيسر ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته ٺيڪ نه ته انهن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، ٻي پاسي صوبائي وزير ناصر حُسين شاھ اسلام ڪوٽ ۾ ڪاليج تڪراري هنڌ تي ٺهڻ جو نوٽيس وٺندي ڪاليج کي بهتر لوڪيشن تي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي،صوبائي وزير ناصر شاھ چيو ته ادارا اهڙي ڪنهن به هنڌ تي نه ٺاهيا وڃن، جتي عوام جو اعتراض هجي، ڪم بند ڪري عوام جي رضامندي کي شامل ڪيو وڃي،ادارا عوام لاءِ ٺهن ٿا، هن چيو ته صوبائي وزير سيد ناصر حُسين شاھ چيو ته اسان وٽ پاڪ ڊبليو پي طرفان وفاق جا جيڪي ڪم هلن پيا اُهو غيرمعياري ۽ ڪرپشن جو سبب بڻجي رهيا آهن،اسلام ڪوٽ ۾ پيور بلاڪن واري روڊ ۾ اگر ڪرپشن ٿي آهي ته جانچ ڪئي ويندي،وفاقي ڪمن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪبو،جتي به روڊ سال ۾ 2 دفعا ٺهيو آهي اُنهي جي ڊي سي جانچ ڪري رپورٽ ڏي ته ذميوارن خلاف جلد ڪاروائي ٿي سگهي،ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو