118

ڀرياسٽي ۾ اٺين ڪلاس جي شاگرد ڪاوڙ ۾ اچي شاخ ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ڀرياسٽي (ويب ڊيسڪ)  ڀرياسٽي جي نينگر شاخ ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام، لاش ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هٿ، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، ڀرياسٽي جي وارڊ نمبر 2 جي رهواسي اٺين ڪلاس جي شاگرد دانش چوهاڻ ولد مرحوم لاهوتي ذوالفقار ڪنهن ڳالھه تان ڪاوڙجي روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ ڀريا ڊسٽري ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي سوين شھري ۽ وارث واقعي واري جاءِ تي پهچي ويا، جتان وارثن کي سندس جتيون پيل مليون، شاخ ۾ لاش جي ڳولا ڪئي وئي، جڏھن ته ٻن ڪلاڪن بعد نينگر کي هٿ ڪيو ويو، جنهن کي بيھوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جنهن جي موت جي تصديق ڊاڪٽرن ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته نينگر اسڪول مان واپس آيو ماني کائي گهران نڪتو ۽ وڃي شاخ ۾ ٽپو ڏنو، جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي سندس بيواهه امڙ بيهوش ٿي وئي ۽ نينگر جو لاش ڏسي وارث ھنجون هاريندا رهيا، جڏھن ته فوتي نينگر کي اڄ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو