138

ميهڙ واقعو: عدالت سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو، فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي فاضل جج نديم بدر قاضي جي عدالت اڄ ميهڙ ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار ڌر پنهنجن وڪيلن سميت عدالت ۾ حاضر ٿيا، عدالت مقتولن مختيار احمد چانڊيو، ڪرم الله چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ چانڊيا سردارن جا نالا شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پ پ پ ايم پي ايز نواب سردار احمد چانڊيو ۽ سندس ڀاءَ نواب برهان خان چانڊيو جا ڪيس ۾ نالا شامل ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌڻي جي نئين تاريخ 25 سيپٽمبر 2021 مقرر ڪري ڇڏي آهي. اهڙي فيصلي بعد عدالت ۾ ام رباب چانڊيو شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ دعا گهري. جڏهن ته سندس ڌر جي ماڻهن ۾ عدالتي فيصلي تي سرهائي نظر آئي. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو چيو ته فتح هميشه حق جي ٿيندي جن اسان مّظلومن سان ساٿ ڏنو آهي، انهن جي مان ٿورائتي آهيان. نواب سردار خان چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چئلينج ڪنداسين. ٻنهي ايم پي ايز ڀائرن کي ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪرڻ واري فيصلي بعد ڪيس هاڻي هلندو ۽ بعد ۾ فتوا ايندي. ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته اڄوڪي فتح ام رباب چانڊيو جي فتح نه پر سنڌ جي شعور جي فتح ٿي آهي، عدالتن مان کيس انصاف جون اميدون آهي ته اڳتي به جيڪي فيصلا ايندا اهي مظلومن جي حقن لاءِ هوندا. بئي طرف نواب سردار خان چانڊيو جو چوڻ هو ته اڃان ڪيس هلندو اسان کي هن ڪيس ۾ هاڻي ٻڌو ويندو، اهڙو ڪو به فيصلو نه آيو آهي جنهن ۾ اسين ڏوهي ٿيا آهيون. ڪيس کي ڊفينس ڪنداسين. شاهد ۽ گواهه اڃا نه هليا آهن اهي هلندا هن چيو ته جيڪو فيصلو ايندو آهي اهو آخري فيصلو نه هوندو آهي اڃا مٿيون ڪورٽون به آهن عدالتن تي اعتماد آهي پر مٿين ڪورٽن ۾ به وينداسين. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جو مکيه دروازو پڻ بند ڪيو ويو هو پيشي تي ايندڙ ماڻهن کي داخلا ڏني پئي وڃي ۽ غير واسطيدار ماڻهن کي روڪيو ويو.هوڏانهن ام رباب چانڊيو حاضري بعد ميهڙ طرف رواني ٿي ته مختلف هنڌن تي سندس اسقبال ڪيو ويو جڏهن ته ميهڙ شهر ۾ سندس ڀرپور آجيان ۽ استقبال ڪيو ويو.حمايتن پاران انصاف ٿيڻ تي نعريبازي ڪئي. هوڏانهن ميهڙ پهچڻ تي ام رباب چانڊيو جو چانڊيا برادري سميت سياسي سماجي ماڻهن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي. جڏهن ته گهر پهچڻ تي ڏاڏيءَ کيس سونو تاج پارائي وڌيڪ ڪاميابي لاءِ دعائون ڏنيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو