112

ٽيچرز ٽرينگ انسٽيٽيوٽ ۾ آفيسرن کان اضافي ۽ لڪ آفٽر چارج واپس وٺڻ لاءِ اختيارن کي خط

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين (استادن جي تربيت وارن ادارن) ٽيچرس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ 17هين کان 19هين گريڊ تائين جي آفيسرن کان اضافي ۽ لُڪ آفٽر چارجز واپس وٺڻ لاءِ ڄاڻايل انسٽيٽيوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي خط لکي ڇڏيو. تعليم کاتي جي اختيارين پاران ٽيچرس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي خط لکي ان سلسلي ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته اداري ۾ گريڊ 17 کان گريڊ 19 تائين سمورا لوڪ آفٽر ۽ اضافي چارج وارا نوٽيفڪيشن رد ڪيا وڃن. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته ڪامورن کان اضافي چارجون واپس ورتيون پيون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو