ليکڪ: علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾ سياسي صورتحال تمام گهڻي گرما گرمي جو شڪار ٿي وئي آهي، حڪومت جو باقي رهيل مدو جيئن تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ته سرڪار جا حوصلا جواب ڏيڻ لڳا آهن ۽ هاڻي ملڪ جي آئيني ادارن کي پڻ نشانو بنائڻ لڳي آهي، تازي واقعي موجب، سينيٽ جي پارلياماني ڪاميٽي ۾حڪومت طرفان اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين ذريعي عام چونڊون ڪرائڻ واري رٿا کي اليڪشن ڪميشن طرفان رد ڪرڻ ۽ اليڪشن جي 34 اعتراضن کي پيش ڪيو ويو جتي سينيٽ ڪاميٽي ۾ پڻ حڪومتي بل رد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد حڪومت جي وزيرن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خلاف غير آئيني طرز عمل اختيار ڪري تهمتون لڳايون آهن جنهن سان ملڪ ۾ هڪ وڏو ممڻ مچي ويو آهي، ٻئي طرف جماعتن مسلم ليگ نواز ۽ جي يو آءِ سميت 9 جماعتي اتحاد تي اهي الزام لڳي ويا آهن ته هو سرڪار سان ڊيل ڪري ميان نواز شريف کي جيل مان ڪڍرائي لنڊن موڪلي چڪا آهن ان ڪري اهي پنجاب ۾ ڦوڪ سان ڊهندڙ سرڪار ۽ وفاق ۾نالي ماتر اڪثريت واري حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن ۽ ان کي ٽيڪ ڏئي پنهنجو معاهدو نڀائي رهيا آهن، يقينن، جڏهن سموريون ڌريون پي ڊي ايم ۾ شامل هيون ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جو اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو هو. ان وقت ملڪ ۾ ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ مخالف ڌر جون جماعتون تمام وڏي تعداد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد سينيٽ آف پاڪستان جي چونڊن کي پڻ کٽي سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت حاصل ڪري چڪيون هيون ۽ وزير اعظم عمران خان کي وري قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻو پئجي ويو. وزير اعظم عمران خان واري حڪومت، پي ڊي ايم جي لڳاتار پيش قدمي ۽ لانگ مارچ واري فيصلي سان لوڏن ۾ اچي پئي سگهي، جڏهن سمورين اتحادي جماعتن کي لانگ مارچ جون تياريون ڪرڻيون هيون ته، مسلم ليگ ۽ مولانا ۽ سندن ٻيون هم خيال جماعتون خاموش رهيون ۽ لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ عين وقت تي هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويو ۽ حڪومت کان استعفي وٺڻ بدران حڪومت مخالف وڏي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ حڪومت ۽ پارليامينٽ تان استعفائون ڏيڻ جو حڪمنامو ٻڌايو ويو، جنهن سان اتحاد ۾ بي اعتمادي ۽ نفاق پيدا ٿي ويو، آخرڪار ! ڊيل کي پاڻي ڏيڻ يا حڪومت خلاف لانگ مارچ وارو ٿيل فيصلو روڪڻ لاءِ پي ڊي ايم اتحاد جي باني جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت کي اتحاد مان ٻاهر ڪڍڻ واري منصوبي تي عمل ڪيو ويو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن پي ڊي ايم جي جماعتن نه لانگ مارچ ڪئي آهي ۽ نه ئي اسيمبلين جي سيٽن تان استعفائون ڏيڻ ضروري سمجهيو آهي. سموري صورتحال مان هاڻي اهو معاملو صاف معلوم ٿي رهيو آهي ته، پي ڊي ايم پهرين ڏينهن کان ميان ، مولانا ۽ سندن هم خيالن وٽ يرغمال ٿيل آهي، هاڻي پي ڊي ايم واريون سپرمين جماعتون نه پارليامينٽ کي ڇڏين ٿيون ۽ نه ئي حڪومت خلاف ڪا بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ يا ڪا تحريڪ هلائڻ يا پنهنجن هٿن ۽ پيرن تان ميندي لاهڻ لاءِ تيار آهن، ملڪ ۾ هاڻي سياسي صورتحال تمام گهڻي دلچسپ ٿيندي پئي وڃي ، وقت کان اڳ ئي عام چونڊن وارو ماحول تيار ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن مڪاني چونڊون ۽ عام چونڊن وارا امتحان ويجها اچي رهيا آهن ته، حڪومتي ڌر کي پنهنجي ڪارڪردگي جا نتيجا سامهون اچڻ وارو خوف ورائي ويو آهي ۽ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين ۾ عوام آڏو پيش ٿيڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ووٽ گهرڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي. شايد اهو ئي سبب آهي جو عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ بدران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن کان ووٽ وٺڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو پر جيئن ئي انهن مشينن کي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واسطيدار سياسي جماعتن طرفان رد ڪيو ويو ته سرڪار جي هٿن جا سمورا طوطا ئي اڏامي ويا آهن، ٻئي پاسي، مخالف ڌر جي جماعتن تي ٻڌل اتحاد پي ڊي ايم کي پڻ وڏيون پريشانيون لاڳو آهن (ن) جو ليڊر ملڪ کان ٻاهر هجڻ جا نتيجا مسلم ليگ نواز کي تازو آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پڻ ڏسڻا پيا جو اتي جي حڪمران جماعت پٽ پئجي وئي، هن کان اڳ گلگت بلتستان وارين چونڊن ۾ پڻ ساڳي صورتحال ٿي چڪي آهي. هاڻي مسلم ليگ ن کي پنجاب ۾ پڻ تڏا ويڙهه جو خطرو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سموري ملڪ ۾ تيزي سان پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ پنهنجيون سيٽون وڌائي رهي آهي، ملڪ ۾ ننڍين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سمورين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان ڪاميابيون حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ سينيٽ آف پاڪستان ۾ وڏي جماعت بنجي اڀري آهي ۽ گلگت بلتستان ۾ سمورين جماعتن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ بعد آزاد ڪشمير ۾ پڻ مسلم ليگ نواز جي حڪومت خلاف ڪامياب چونڊ مهم هلائي ان کي شڪست ڏئي چڪي آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ پنهنجين سيٽن جي اڳوڻي 5 ميمبرن واري تعداد ۾ اضافو ڪري 12 سيٽون حاصل ڪري ٻنهي ايوانن ۾ اپوزيشن ليڊر جا عهدا حاصل ڪري چڪي آهي، بيشڪ ! ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان پنجاب صوبو ڪنهن به جماعت جي حڪومت سازي لاءِ اهم مرڪز جي حيثيت رکي ٿو،حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ئي ان جي شڪست جو سبب بنجندي نظر اچي رهي آهي، مسلم ليگ نواز پنهنجي قيادت جي بحران ۽ سياسي مونجهارن ۽ گروپ بندين ڪري عام چونڊون هارائي وڃڻ جي خوف ۾ مبتلا آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مضبوط ٿيڻ بعد هن وقت پنجاب ۾پنهنجيون سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ پنجاب جي سرائيڪي خطي ۾ خيما کوڙي ويٺل آهي ۽ اتي جلسا ۽ تنظيمي سرگرميون تيز ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي، جنهن سان لاهور، سيالڪوٽ ،راولپنڊي ۽ وچ پنجاب ۾ چونڊ مهم کان اڳ جلسا ۽ تنظيمي اجلاس طئه ڪرڻ واريون سرگرميون شروع ٿي وينديون، ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال ۾ حڪمران جماعت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن ۾ پڻ ڦرڦوٽ عروج تي آهي ۽ عام چونڊن لاءِ صف بنديون تيز ٿي رهيون آهن، ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جو سياسي وايو منڊل ڪهڙو رخ ٿو اختيار ڪري ۽ حالتون ڪهڙي پاسي ٿيون وڃن ؟