ليکڪ: تنوير ملڪ
دنيا جي مختلف ملڪن وٽ سون جي ذخيرن جي لحاظ کان آمريڪا سڀني کان اڳيان آهي، جنهن وٽ 8000 ٽن کان وڌيڪ سون ذخيرا آهن.ورلڊ گولڊ ڪائونسل جي انگن اکرن مطابق دنيا جا 10 سڀني کان وڌيڪ سون جو ذخيرو رکندڙ ملڪن وٽ سڄي دنيا جي سون جو 3 چوٿائي حصو آهي، پاڪستان وٽ سون جا ذخيرا 64 ٽن آهن، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت وٽ 703 ٽن سون جا ذخيرا آهن، جيڪي ڪنهن به ملڪ جي سينٽرل يا اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا هوندا آهن، دنيا جي مختلف ملڪن جي سينٽرل بئنڪ جي ريزروز ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن، جن ۾ سون کانسواءِ ٻيون غير ملڪي ڪرنسيون به شامل هونديون اهن، پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق پاڪستان وٽ تقريب 3.8 ارب ڊالر ماليت برابر سون جا ذخيرا موجود آهن ۽ اهو تقريبن ملڪ جي ريزروز يعني مجموعي ذخيرن جو 16.6 سيڪڙو ٺهي ٿو، سڄي دنيا جي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن وٽ جتي ڊالر ۽ ٻين غير ملڪي ڪرنسين جي صورت ۾ ناڻي جا ذخيرا موجود هوندا آهن ته ان سان گڏوگڏ سون به انهن ذخيرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، سون انهن ذخيرن جو حصو ڇو هوندو آهي ان بابت پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ جي اڳوڻي گورنر سليم رضا ٻڌايو ته سون جو ذخيرن جو حصو هجڻ جو هڪ تاريخي پس منظر آهي، هن ٻڌايو ته ڊالر جي عالمي تجارتي ڪرنسي بڻجڻ کان اڳ سون ۾ عالمي واپار ٿيندو هو، ڪنهن ملڪ جي سون جي ذخيرن سان ان جي ڪرنسي جڙيل هوندي هئي پر 70ع جي ڏهاڪي ۾ ڊالر عالمي واپاري ڪرنسي جي حيثيت ورتي، پر ان جي باوجود سون جي اهميت برقرار رهي ۽ اهو اڄ به عالمي واپار ۾ هڪ اهم ذريعو سمجهيو وڃي ٿو.سليم رضا ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سون عالمي واپار جو هڪ اهم ذريعو رهيو آهي پر اڄ جي دور ۾ ان جي قيمت ۾ گهڻي تبديلي جي ڪري هاڻ اهو عالمي واپار لاءِ هڪ ذريعي جي طور تي گهٽ استعمال ٿئي ٿو پر اهو مرڪزي بئنڪ جي ذخيرن جو اهم حصو هوندو آهي ۽ اڄ به هڪ واپار جي قابل ذريعي جي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ معاشيات جي استاد صائم علي ٻڌايو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته سون جي ذخيرن جو هڪ تاريخي پس منظر آهي ۽ ڊالر ان جي جاءِ عالمي واپاري ڪرنسي طور ورتي آهي پر ان جي اهميت پوءِ به برقرار آهي، سون هڪ فزيڪل اثاثو آهي ۽ پيپر ڪرنسي جي مقابلي ۾ ان جو قدر اڄ به گهڻو سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري دنيا جا مختلف ملڪ سون جا ذخيرا پاڻ وٽ رکن ٿا، اهي ڪنهن ملڪ جي مرڪزي بئنڪ جي ذخيرن جو هڪ اهم حصو هوندا آهن، هن چيو ته سون هڪ اثاثو آهي، جنهن کي وڪڻي فوري طور تي رقم جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته سون جو عالمي مارڪيٽ ۾ اهم قدر آهي ۽ اهو هڪ اثاثي طور جلدي وڪڻي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته سون هڪ ڌاتو آهي ۽ ڪو به ملڪ عالمي مارڪيٽ مان خريد ڪري ان سان پنهنجا ذخيرا وڌائي سگهي ٿو. عارف حبيب سيڪيورٽيز ۾ معاشي معاملن جي تجزيي نگار ثنا توفيق ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته ڪنهن به ملڪ جي مرڪزي بئنڪ ۾ جتي غير ملڪي ڪرنسين جي صورت ۾ ذخيرا رکيا وڃن ٿا اهڙي طرح سون به ذخيرو ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ڊالر ٻيون غير ملڪي ڪرنسيون ۽ سون سڀ گڏجي هڪ ملڪ جي ناڻي جا ذخيرا ڏيکارين ٿا. ڇا ڪو ملڪ پاڻ وٽ موجود سون جي ذخيرن جي ماليت جي برابر ڪرنسي نوٽ ڇاپي ٿو؟ ان بابت ڳالهائيندي ثنا توفيق ٻڌايو ته هڪ دور هو جڏهن ائين ٿيندو هو ته ڪنهن هڪ ملڪ وٽ سون جي ذخيرن جي ماليت جي برابر ڪرنسي نوٽ ڇاپيا ويندا هئا پر جڏهن سون مهانگو ٿيندو ويو ۽ ان کي ذخيرن جو حصو بڻائڻ ڏکيو ٿيندو ويو ته پوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو، هوءَ چوي ٿي ته هاڻ ڪرنسي نوٽ جي ڇپائي مارڪيٽ ۾ ان جي طلب ۽ رسد تي ٿيندي آهي ۽ پاڪستان ۾ هاڻ اهو ٿئي ٿو ته مرڪزي بئنڪ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ رسد جي بنياد تي ڪرنسي نوٽ ڇاپي ٿي، اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر سليم رضا چيو ته ڪنهن به ملڪ جي سون جا ذخيرا جڏهن وڪڻڻا پئجي وڃن ته ان جو مطلب آهي ته اهو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان وٽ پرڏيهي واپار ۽ ادائگين لاءِ هاڻ ڪا به رقم ناهي بچي. هن مثال ڏيندي چيو ته ننڍي کنڊ ۾ سون گهرن زيورن جي صورت ۾ موجود هوندو آهي ۽ جڏهن ڪو گهر انتهائي گهڻي معاشي مصيبت جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ان کي ڪٿان به مالي وسيلن جي اميد نه رهندي آهي ته پوءِ خانداني زيور وڪڻي مالي بحران مان نڪري سگهجي ٿو، پر اهو عمل اسان جي معاشرن ۾ انتهائي خراب سمجهيو وڃي ٿو اهو ئي معاملو ملڪن جو به آهي ته جڏهن ڪو ملڪ مالي بحران جي انتها تائين پهچي وڃي ۽ ان وٽ پرڏيهي ادائگين لاءِ پئسا نه هجن ته پوءِ سون جي ذخيرن جي ذريعي ڪم هلايو ويندو آهي، ڀلي سون ذريعي پرڏيهي ادائگي ڪئي وڃي يا وري ان کي وڪڻي ڊالر حاصل ڪري اهو ڪم ڪيو وڃي، سليم رضا ٻڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به موقعو ناهي آيو جڏهن ملڪ کي مالي بحران ۽ پرڏيهي ادائگين لاءِ سون وڪڻڻو پيو هجي پر 90ع جي ڏهاڪي جي پهرين سال ۾ انڊيا کي پنهنجي مالي بحران جي ڪري سون وڪڻڻو پيو ۽ اهڙي عمل تي حڪومت خلاف وڏي عوامي احتجاج کانپوءِ مرڪزي حڪومت کي وڃڻو پيو ۽ ان کانپوءِ من موهن سنگهه خزاني واري وزير طور آيو ۽ ان انڊيا جي معيشت کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڌارا شروع ڪيا. ثنا توفيق به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ڪنهن ملڪ طرفان پنهنجي سون جا ذخيرا ان وقت ئي وڪڻيا ويندا آهن جڏهن ان وٽ ڪو ٻيو رستو نه بچندو آهي، سڄي دنيا ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سون جون عالمي قيمتون هيٺ مٿي ٿينديون آهن، جنهن جو اثر پاڪستان ۾ سون جي مقامي قيمتن تي گهڻو پوي ٿو، پاڪستان ۾ هن وقت سون جي هڪ تولي جي قيمت هڪ لک 10 هزار رپين کان وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ سون جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مرڪزي بئنڪ وٽ موجود سون جي ذخيرن ذريعن ڪا مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي؟ ان سوال تي ثنا توفيق ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۽ مرڪزي بئنڪ وٽ سون جي ذخيرن وچ ۾ ڪو ربط نه آهي ۽ نه ئي ان ذريعي سون جي مارڪيٽ ۾ قيمت کي مستحڪم ڪري يا هيٺ آڻي سگهجي ٿو، مرڪزي بئنڪ وٽ سون جا ذخيرا پرڏيهي ادائگين لاءِ مجموعي ذخيرن جو حصو هوندا آهن، جڏهن ته سون جي منڊي ۾ قيمت طلب ۽ رسد تي ڀاڙيندي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ائين ٿئي ٿو ۽ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 64 ٽن سون جي ذخيرن جي ماليت 3.8 ارب ڊالر آهي ۽ مرڪزي بئنڪ وٽ اهو 22 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ذخيرن جو حصو آهي، جنهن جو سون جي مقامي مارڪيٽ ۾ قيمتن سان ڪو به لاڳاپو نه آهي.