ليکڪ: نورسنڌي
اڄ صفر جي 4 تاريخ آھي سنڌ جي قومي، انقلابي۽ روحاني شاعر شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ ۾ 10 ڏينھن وڃي بچيا آھن، ھن سال لطيف جو ميلو ٿيندو يا نه؟ ان بابت حڪومت ڪوبه فيصلو نه ڪري سگھي آھي، عالمي وبا ڪورونا جنھن سڄي دنيا ۾ تباھي مچائي آھي جنھن جي ڪري لطيف سائين جو گذريل 277ھون عرس مبارڪ به نه ملھايو ويو بس صرف مختصر افتتاحي تقريب ۽ آخري ڏينھن تي ثقافت کاتي پاران مختصر ايوارڊ تقريب ٿي، پر ھن دفعي ثقافت کاتي پاران ايوارڊ تقريب جو به اعلان ناهي ٿيو، جيڪي آثار نظر اچن پيا ته لڳي ٿو ھن سال به ميلو نه ٿيندو باقي مختصر افتتاحي ۽ ايوارڊ تقريب ٿيڻ جو امڪان آھي، ڇو ته ثقافت کاتي پاران ريسٽ ھائوس ۽ ايڪيلينس ھال کي رنگ روغن جو ڪم شروع آھي، جڏھن ته اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر به درگاهه تي پھتو ۽ صفائي کي بھتر بنائڻ جون ھدايتون ڪيون جڏھن صحافين ھن کان ھن سال لطيف سائين جي ميلي وارو سوال ڪيو ته ان به چيو ھن وقت تائين سنڌ حڪومت پاران فيصلو نه ٿي سگھيو آھي، گذريل سال به سنڌ حڪومت پاران وقت تي اھڙو اعلان نه ڪرڻ ڪري ميلي وڏا خرچ ڪري روزگار لاءِ دوڪاندارن دڪان لڳايا پر عرس مبارڪ نه ملھائڻ واري اعلان بعد انھن کي انتظاميا ڀٽ شاھ مان ڊوڙائي ڇڏيوهو ۽ تاريخ ۾ پھريون دفعو پانڌيئڙن کي روڪڻ لاءِ ڀٽ شاھه ۾ سمورن رستن تي ھٿيارن ۽ لٺين سان پوليس بيھاري ماڻهن کي روڪيو ويو، شاھه لطيف بابت سڄي دنيا جا مفڪر، دانشور، محقق، صوفيت جي رنگ ۾ رتل ساڃاھه وند اھو اقرار ڪن ٿا ته شاھ لطيف نه صرف سنڌ پر سڄي دنيا جو عظيم شاعر آھي، لطيف سرڪار دنيا جو اھو عظيم شاعر آھي جنھن جو ڪلام دنيا ۾ پڙھيو وڃي ٿو، ٻاھرين ملڪن وارا ته لطيف سائين جو راڳ سکڻ لاءِ سندس درٻار تي اچن ٿا، لطيف سائين کي اسان سنڌ وارا پنھنجو امام سمجھون ٿا، لطيف سرڪار جو ڪلام ھر دور جي عڪاسي ڪري ٿو، اڄ دنيا مڃي ورتو آھي ته دنيا ۾ وڌندڙ دھشتگردي ۽ مذھبي جنونيت کي شاھه لطيف جي امن ۽ مذھبي رواداري واري ڪلام سان ختم ڪري سگھجي ٿو، شاھه سائين جي شاعري جو اھو ڪمال آھي ته جڏھن اقوام متحده وارن کي خيال ٿيو ته ھو مئن دروازي تي ڪنھن مشھور شاعر جو شعر لکن ۽ ان لاءِ مشھور شاعرن، محققن جي ھڪ ڪميٽي ٺاھي وئي جنھن دنيا جي مشھور شاعرن جي شاعري پڙھي ته انھن اقوام متحده جي مئن گيٽ لاءِ شاهه سائين جي ”دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ وارو بيت چونڊيو، جيڪو اڄ به اقوام متحده جي مئن گيٽ تي لکيل آهي، جيڪو اسان جي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ لاءِ ھڪ وڏو اعزاز آھي، مرشد لطيف جي شخصيت ۽ شاعري جو اھو ڪمال آھي ته سندس مزار تي ھر مذھب، ھر فرقي وارو سلامي ڀرڻ اڇي ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته لطيف سائين اسان جو آھي، لطيف سائين انسانيت جو شاعر آھي ۽ لطيف سائين جو رسالو روشني واري واٽ آھي ۽ ھر سنڌ واسي کي شاھه سائين جي ڪجهھ نه ڪجهھ شاعري ياد آھي، جيڪي عقيدت وچان جھونگاريندا رھن ٿا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو لطيف سائين جو وڏو عقيدتمند ھو ان ھڪ عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ڪيڏا نه خوبصورت لفظ چيا هئا ته ” شاھ لطيف دنيا جا وڏا شاعر سمجھيا ويندڙ ٽئگور ۽ سيڪسپيئر کان به وڏو شاعر آھي اسان ان ۾ اضافو اھو ڪنداسين ته سيڪسپيئر ۽ ٽئگور رڳو شاعر آھن پر لطيف سائين اوھان وڏا ولي الله ۽ آل محمد صه جي اولاد مان آھيو“ ھن سال ميلو ٿيندو نه ٿيندو زائرين ۽ ميلي ۾ دوڪان لڳائيندڙ ٻڏ تر جو شڪار آھن،ان ڪري سنڌ حڪومت کي بنا دير اعلان ڪرڻ گھرجي، جي ميلو لڳائڻو آھي ته دوڪاندار دوڪان اچي لڳائن جي ميلو نه لڳائڻو آھي ته ته دوڪاندار آسرو ختم ڪن، ائين نه ٿئي جو گذريل سال وانگر ميلي جي آسري ۾ دوڪان کڻي اچن ۽ پوءِ انتظاميا کين ڊوڙائي ڪڍي لطيف جا پانڌيئڙا اھو به سوچين پيا ته ڇا ھن سال به عرس مبارڪ جي موقعي تي ڀٽ شاھه ۾ روڊ رستا بند ڪري اتي پوليس بيھاري انهن کي اچڻ کان روڪيو ويندو؟ سنڌ واسي عيدن کان پوءِ شاھه سائين جي عرس مبارڪ کي وڏو تھوار سمجھن ٿا، سڄو سال عرس مبارڪ جو انتظار ڪن ٿا غريب ماڻھون رپيو رپيو گڏڪري سندس عرس مبارڪ تي اچڻ جون تياريون ڪن ٿا، اھي حقيقتون آھن ته سڄي دنيا سان گڏ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ختم نه ٿي آھي، پر جنھن صورت ۾ملڪ مان لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو آھي، درگاھون، مارڪيٽون ھوٽلون ۽ شادي هال کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي ملڪ ۾ ٻين بزرگن جا عرس مبارڪ ٿي رھيا آھن، سنڌ ۾ ٻين بزرگن جي ميلن جون اجازتون ڏنيون پيون وڃن ته پوءِ لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي اجازت نه ڏيڻ جو ڪھڙو سبب آھي؟ ملڪ جو سڄو ڪارونھوار کلي ويو آھي، جلسن، جلوسن، مذھبي پروگرامن ۽ احتجاج ڪرڻ جي به اجازت ڏني وڃي پئي شھرن جي بازارن ۾ رش لڳي پئي آھي نه ايس او پيز تي عمل، نه ڪي احتياط ته پوءِ شاھ لطيف جو عرس مبارڪ سرڪاري طور نه ملھائڻ زيادتي ٿيندي انصاف جي تقاضا اھا آھي ته ھن سال لطيف سائين جو عرس مبارڪ ملھائڻ جو اعلان ڪيو وڃي، ھر سال وانگر ثقافت کاتي پاران ادبي ثقافتي تقريبون ۽ ملاکڙو ڪرايو وڃي پر جي سنڌ حڪومت ڪورونا سبب عرس مبارڪ نٿي ڪري ته ان جو جلد چٽو اعلان ڪيو وڃي، ۽ ھن سال پانڌيئڙن کي ايس او پيز تحت درگاهه تي وڃڻ جي اجازت ملڻ گھرجي، لطيف سرڪار اسان جي مجموعي قومي سڃاڻپ جو اهڃاڻ آھي ۽ سنڌيت جي سڃاڻپ جي اهڃاڻ طور ڏيھه پرڏيهھ ۾ ڄاتل ۽ اسان جي شعوري سگهھ جي مورچي جي مھندار آھي، ڀٽائي خاندان جي چشم چراغ سيد مظھر شاھه( نازڻ سائين) ، سيد شمن شاھه ڀٽائي واري ۽ سيد غلام رضا شاھ لطيفي به ميلي لاءِ ڪوششون ڪن پيا، اھو به معلوم ٿيو آھي ته ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھه ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري به سنڌ جي وڏي وزير کي زوردار سفارش ڪئي آهي ته ايس او پي تحت شاھه لطيف جو عرس مبارڪ ٿيڻ گھرجي، ڏسجي ته ان ڏس ۾ حڪومت ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري؟؟