96

عمردراز مهر جي ٻاريل شمع جو تسلسل…

ليکڪ: ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“سومرو

زندگي فنا آهي، انهيءَ  فنائيت جي وٿيءَ  ۾ آيل زندگي گهڻو ڪجهه ڪري وڃي ٿي. انسان جو جنم جنهن نقطي کان شروع  ٿئي ٿو، انهيءَ نقطي يعني فنا واري نقطي طرف ڊوڙندو سرڪل ٺاهيندو وڃي ٿو، اها رفتار پنهنجي وقت سان هلندڙ هوندي آهي، يعني انسان جنم کان وٺي فنا طرف ڊوڙندڙ نظر اچي ٿو. اِهو سلسلو ازل کان چالو آهي، قيامت تائين هلندو رهندو. ”قل نفس ذائقـﺔ الموت“ جي مصداق هر هڪ مسافر ٿو نظر اچي. اِهو سفر ڪڏهن سوءُ سال ته ڪڏهن 50 يا هڪ سال يا هڪ گهڙيءَ جو به هوندو آهي، اهڙيءَ ريت هن دنيا ۾ اچڻ ۽ رهڻ هڪ امتحان هوندو آهي، پوءِ ڪي اِن ۾ پاس ٿي ويندا آهن، ته ڪي فيل ٿي ويندا آهن، زندگي نالو ئي جدوجهد جو آهي، انهيءَ آندولن جي اڙين ۾ ڪي اٽڪي پيا ته ڪي پار ڪري ويا، جيڪو پار ڪري ويندو اهو ئي ڪامياب انسان هوندو آهي، اهڙن ڪامياب انسانن مان اسان جي شڪارپور جو جواهر سائين عمردراز به هڪ هو،  جنهن پنهنجي 76بهارن ۾ 76سيارا، اونهارا، ۽ سرءَ به ڏٺا ۽ انهن جون سٽون به سٺيون، پر مرد مجاهد انسان ان مان پار وڃي پيو، ڏک سک ته زندگي جو حصو هوندا آهن، جن سان نڀائڻ بهادر انسان جو ڪم هوندو آهي، سائين عمر دراز، پنهنجي عمر ۾ ماڻڪ ميڙي آڇيندو رهيو. يعني تعليم جي زيور سان پنهنجن شاگردن کي آراستا ڪندو رهيو. سائين عمردراز هڪ استاد جي حيثيت سان ڪامياب استاد رهيو. مقرري کان رٽائر ٿيڻ تائين پنهنجو فرض نڀائيندو رهيو. زندگيءَ جا 42 سال پنهنجي پيشي سان رهيو.سائين عمردراز 1991ع ۾ ايڇ. ايس ٽي (H.S.T) ٿيو.  هن پنهنجي ايمانداريءَ سان ڊيوٽي سرانجام ڏني 1991ع ۾ هڪ سوءُ کان به مٿي پروموشن ٿيا هئا، جنهن جون ٻه لسٽون نڪتيون هيون. سائين جو پهرين لسٽ ۾ نالو هو. ۽ ٻي لسٽ ۾ وري منهنجو نالو هو. مون کي لاڙڪاڻو ضلعو ڏنو ويو ۽ سائين عمردراز کي شڪارپور ضلعي ۾ آرڊر ڏنو ويو. مان لاڙڪاڻي مان ضلعي شڪارپور ۾ بدلي ڪرائي آيس. جنهن ۾ منهنجي پهرين مقرري ميان جو ڳوٺ هاءِ اسڪول ۾ ٿي، جتي سال سوا رَهي پوءِ مختلف اسڪولن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏني. هڪ دفعي منهنجو آرڊر دودي ڳوٺ مڊل اسڪول ۾ ٿيو، جيستائين مان رليو ٿيان تيستائين منهنجو آرڊر ڪينسل ٿي ويو ۽ منهنجي جاءِ تي سائين عمردراز کي رکيو ويو ۽ مون کي عبدو هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو، منهنجي سائين عمردراز سان ملاقات 1992ع ۾ ڊي اي او آفيس شڪارپور ۾ ٿي هئي ان کان پوءِ سائين جي سحر انگيز ملاقاتن ۾ واڌارو آيو، رستم کان جڏهن به شڪارپور اچڻ ٿيندو هو ته سائين سان لکيءَ در تي ملاقات ٿي ويندي هئي. ڪڏهن بيٺي پير موڪلائبو هو، ته ڪڏهن وري انڊس هوٽل تي چانهن جو چسڪيون وٺندي، ڪچهري ٿي ويندي هئي. ڪڏهن اِها ملاقات ڊگهي به ٿي ويندي هئي ۽ زماني جا ڏک سور به ونڊبا هئا. انهن ۾ سائين جون دل کي آٿت ڏيندڙ صلاحون ۽ مشورا به دلي سڪون جو سبب بڻبا هئا، سائين عمردراز جي گفتگو ۾ جادو هوندو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري وٺندو هو. مون سان ايڇ ايس ٽي دوران جيڪي بدلين جون زيادتون ٿيون انهن جو ذڪر سائين سان ڪندو رهندو هئس. جنهن جو کيس وڏو احساس هوندو هو ۽ افسوس به ڪندو هو ۽ گسٽا جي اقربا پروري تي به تنقيد ڪندو هو، سائين عمردراز سان گهاريل گهڙين جو طويل رڪارڊ آهي، هن مضمون ۾ سمائڻ ممڪن نه آهي. وقت ۽ زماني جي ڦيري سبب ڪيئي آفيسر آيا ويا، ليڪن استاد پنهنجي جاءِ تي قائم رهيا. سائين عمردراز مرحوم جن جو واسطو شڪاپور سان رهيو، مان رستم کان ڪَهي اچي ساڻس ملندو هئس پر رستم ڪڏهن /بقايا صفحي نمبر 2 تي پڙهندا
به ڪونه آيا، توڙي جو ادبي پروگرامن ۾ شرڪت جي دعوت به ڏيندو هئس، پر سائين جن جون مصروفيتون تمام گهڻيون هونديون هيون، جنهن ڪري اچي نه سگهندو هو، ٻيو اِهو ته سائين جن ڪٿي به ٻاهر رات ڪونه رهندا هئا، جيڪڏهن ڪٿي ويندا هئا ته به ڏينهون ڪون موٽي ايندا هئا، اسان جا ادبي پروگرام اڪثر رات جو ٿيندا هئا. انهيءَ ڪري سائين لاءِ رات رهڻ ڏکيو هوندو هو، ائين ناهي ته ڪو سائين عمردراز ادب کان اڻ واقف هو، هن کي ادبي اساٽ گهٽ، ڄاڻ وڌيڪ هوندي هئي، سندس سمورو ڌيان  پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تي رهيو، انهيءَ ڪري لکڻ جو ڪم گهٽ ڪري سگهيو. کيس، سنڌي، اردو ۽ انگريزي جي سٺي ڄاڻ هوندي هئي، ائين کڻي چئون ته کيس ٽنهي ٻولين تي عبور حاصل هو،  سائين رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي سڦلي گذاري گهٽ کائڻ ۽ گهڻو ڪم ڪرڻ سبب اڪثر بيمارين کان بچيل رهيو،کيس ڪا خاص بيماري نه هئي. بس زندگي جي آخري گهڙين ۾ ٿوري تڪليف سبب بيمار رهيو ۽ سڄي ڄمار سڦلي گذاري وڃي ابدي آرامي ٿيو، کيس الله تعاليٰ بخشش عطا فرمائي جنت ۾ درجا بلند فرمائي سائين عمردران سان گهاريل گهڙين جو تاثر اڄ به قائم آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ساڻس گڏ ويٺا آهيون يا اسان سان گڏ ويٺو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو