ايڊيٽوريل
مدئجي ۾ ڪلهوڙا-مڱڻيجا تڪرار تان اوطاق تي فائرنگ ۾ مهمان سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق ويهه ميل ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ ربنواز مڱڻيجي ۾ ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن حملو ڪري اوطاق تي ويٺلن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا آهن، جنهن سبب محرم پٽ ارباب مڱڻيجو، اسرار پٽ غلام عباس ڪلهوڙو ۽ مهمان علي نواز پٽ علي حسن خروس مارجي ويا آهن، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، رات دير سان ٿيل واقعي بعد مقتولن جا لاش 8 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، صبح جو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا، مقتولن جي جنازي نماز ڳوٺ ربنواز مڱڻيجي ۾ ادا ڪرڻ بعد ٻن ڄڻن جا مڙهه اباڻن قبرستانن ۾ دفنايا ويا ۽ قتل ڪيل مهمان علي نواز خروس جو لاش وارث خيرپور کڻائي ويا، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عاشق مڱڻيجي جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. سنڌ اندر هلندڙ قبائلي تڪرارن ۾ ماڻهن جو موت روز جو معمول بڻجي ويو آهي، رڳو مدئجي جو ئي مثال وٺجي ته اهڙن برادري تڪرارن ۾ هفتي اندر 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڪجهه ڏينهن پهريان بروهي ۽ پنهور تڪرار تان هٿياربندن مڇيءَ جي فارم تي حملو ڪري بروهي برادري جي 4 نوجوانن کي گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهاريو هو، جڏهن ته اڃا ان واقعي کي هفتو به نه گذريو هو ته وري اهڙي ئي هڪ تڪرار ۾ 3 ڳوٺاڻا نفرتن جو ٻارڻ بڻجي حياتي وڃائي چڪا آهن ۽ اهو هاڻ روز جو معمول بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته هڪ ته ڪچي جو علائقو آهي ۽ ٻيو جهڙيندڙ ڌرين جا ڳوٺ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ هنن جا پاڙا ڄڻ تي گڏيا پيا آهن، ان ڪري اها نفرت جي باهه اڃا وڌيڪ ڀڙڪڻ جو خطرو موجود آهي، ان سڄي عمل ۾ پوليس جو ڪردار اهو ئي روايتي رهيو آهي، تازي تڪرار ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جا لاش 8 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل هجڻ مان پتو پوي ٿو ته اسان جي پوليس ڪيتري سرگرم آهي، ٻيو ته پري پر لاشن کي کڻائي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ به وارثن سڄي رات اکين تي ڪاٽي لاشن تي پهرا ڏنا ۽ صبح جو جڏهن صاحب ننڊ مان اٿيا ته پوءِ آهستي آهستي پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڄڻ ته انهن تي ٿورو ڪري ڇڏيو، اسان سمجهون ٿا ته اها انتهائي بي حسي واري صورتحال آهي، شڪارپور جي ڄاڻايل ڪچي واري علائقن ۾ ڪجهه مهينن اندر مختلف برادرين جي تڪرارن ۾ ڪيترائي ماڻهو، عورتون ۽ ٻار مارجي چڪا آهن، پر ضلعي پوليس ڪو هڪ به قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ اتي جي مقامي لينڊ لارڊز ۽ بااثرن آڏو بي وس بڻيل آهي، جيڪڏهن پوليس سچائي تي چڙهي ته شايد سمورا جوابدار به گرفتار ٿي وڃن ۽ اهڙا جهيڙا به ختم ٿي سگهن ٿا، اسان سنڌ حڪومت کان گهر ٿا ڪريون ته اهڙن قتلن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ۽ بنا دير آپريشن ڪري انسانيت جي اهڙن ويرين کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ جهيڙن جي خاتمي لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن، جيئن وڌيڪ بي گناهه ۽ معصوم انسان ان نفرت جي باهه جو ٻارڻ ٿيڻ کان بچي پون.