123

اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي 71 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين جي پهرين خوراڪ لڳائي وئي آهي. هن چيو ته اسلام آباد اڌ آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل ڪندڙ ملڪ جو پهريون شهر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو