ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ فرقيواراڻا فساد پکيڙيا پيا وڃن، پرڏيهي هٿ ملوث آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي دلچسپي رڳو امن ۽ استحڪام آهي، ان جي ڪري ئي طالبان کي آمريڪا سان گڏ ويهاريو هو، پاڪستان 8 کان 10 هزار ماڻهو افغانستان مان ڪڍي ٻين ملڪن تائين پهچايا، دنيا جا 8 انٽيليجنس چيف به آيا هئا، شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ڀارتي ميڊيا رڳو ڪوڙ ڳالهائي پئي، چون ٿا ته پاڪستان تي پابندي هنئي پئي وڃي، پنجشير بابت غلط خبرون هلايون ويون، افغانستان جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ ڪا عقلمندي ناهي، دنيا کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي بحال ڪيا وڃن، شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به افغان مهاجر ڪئمپ ناهي، جيڪي لڪ ڇپ ۾ آيا هئا، انهن کي واپس ڪيو آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ وونٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. اپوزيشن جماعتون اسان جي خلاف نه پر اليڪشن مهم تي آهن.
