اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جا 9 لک فوجي والاريل ڪشمير ۾ مڙهيل آهن، مسلم علائقي کي اقليت بڻايو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آزاد مبصرن کي والاريل وادي ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي، حقيقتون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي سان ڳنڍيو پيو وڃي، معصوم ماڻهن کي ڦاسائڻ لاءِ سندن گهرن ۾ هٿيار رکيا وڃن ٿا، شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارتي ظلم، بربريت ۽ جنگي ڏوهن جو تازو ڊوزيئر تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪيو ويندو، 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ جعلي مقابلن، عورتن جي بي حرمتي، زيادتي ۽ ٻيون شاهديون موجود آهن. هوڏانهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جون 5 ڪئمپون هلائي رهيو آهي، 239 ٽارگيٽ سيل قائم ڪيا آهن، 2014ع کانپوءِ 30 هزار ماڻهن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو، 231 ڄڻن کي بجلي جو ڪرنٽ هنيو ويو، والاريل ڪشمير ۾ ڪيميڪل وارا هٿيار استعمال ڪيا ويا، ڀارتي فوج 3 هزار 800 کان وڌيڪ عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو.
106