ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن، خطي ۾ امن لاءِ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻو پوندو، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام جرڳا ۾ صحافي سليم صافي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته آمريڪا سميت اولهه دنيا سان رابطي ۾ آهيون، نائين اليون تي حلف برداري جو ڪو پروگرام نه هو، خبر ڪوڙي هئي، اسان 20 سال اڳ به چيو هو ته ان حملي ۾ ڪو به افغان شامل ناهي، اسان ته حملي جي مذمت به ڪئي هئي، طالبان ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ان جو نتيجو به اهو ئي ٿيندو جيڪو اڳوڻن حملو ڪندڙن جو ٿيو، اسان هن وقت به چئون ٿا ته جيڪو به مسئلو آهي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي، اهو سڀني لاءِ بهتر آهي، هن چيو ته افغانستاني سر زمين ڪنهن به ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اڳوڻي تجربي تحت ان لاءِ اسان جي پوري تياري آهي، اسان دوها معاهدي ۾ اهو يقين ڏياريو هو ته افغانستان ۾ القاعده سميت ڪنهن به تنظيم کي ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي ان جو ڪو سينٽر هوندو، جيڪڏهن آمريڪا سميت ڪنهن کي به ان بابت خدشو آهي ته نشاندهي ڪري.
114