ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏو وزير مراد علي شاهه خانگي دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو آهي، وڏو وزير ڪراچي ايئرپورٽ تان امارات ايئرلائينز جي اڏام اي ڪي 603 ذريعي آمريڪا لاءِ روانو ٿيو، وڏو وزير مراد علي شاهه هڪ هفتو آمريڪا ۾ گذاريندو، پارٽي ڪارڪنن ۽ ٻين عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪندو، ياد رهي ته وڏي وزير جو ٽن مهينن ۾ هي آمريڪا جو ٽيون دورو آهي.
105