104

ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 58 حياتيون کسي ورتيون، 3153 نوان ڪيس، سنڌ ۾ 26 مريض فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 58 حياتيون کسي ورتيون آهن، 3153 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ ۾ 26 مريض فوت ٿي ويا، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 57792 ٽيسٽون ٿيون، مثبت ڪيسن جي شرح گهٽجي 5.45 سيڪڙو تائين پهچي وئي، سنڌ ۾ وڌيڪ 26 مريض فوت، 891 نوان ڪيس، 49214 مريض علاج هيٺ، 650 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ڪراچي ۾ 334، حيدرآباد ۾ 85، ڄامشوري ۾ 54، شهيد بينظير آباد ۾ 37، سانگهڙ ۾ 34 ۽ ٺٽي ۾ 32 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته  مٽياري ۾ 30، ٿرپارڪر ۾ 29، بدين ۾ 26، ٽنڊو الهيار ۾ 24، ٽنڊو محمد خان ۾ 23 ۽ نوشهروفيروز ۾ 19 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو