ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ کان چئن ڏينهن لاءِ بند ڪيون ويون آهن، گئس ڪمپني پهرين کان 16 سيپٽمبر تائين فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سوئي گئس ڪمپني موجب ڪم جي ڪري سسٽم ۾ گئس جي کوٽ آهي، پريشر به گهٽ ٿي ويندو، گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل سيڪٽرن جي طلب پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، ان ڪري سي اين جي اسٽيشنون چئن ڏينهن لاءِ بند ڪيون ويون آهن.
