177

استادن جون 40 هزار جي لڳ ڀڳ ڀرتيون ڪريون پيا، ميرٽ ٿيندي، ڪنهن کي رپيو به نه ڏيو: سردار شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته استادن جون 40 هزار جي لڳ ڀڳ ڀرتيون ڪريون پيا، ميرٽ ٿيندي، ڪنهن کي رپيو به نه ڏيو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڀرتين جو عمل بهتر نموني سان مڪمل ڪنداسين، ڪوشش آهي ته ڀرتيون شفاف ٿين، مڪمل ميرٽ ڪئي ويندي، سردار شاهه وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي هڪ رپيو به نه ڏيو، تعليم کاتو يا آءِ بي اي جو ڪو ملازم پئسن وٺڻ ۾ ملوث نڪتو ته جيل موڪلينداسين،  اسان  لاءِ وڏا چئلينجز آهن، مان اڳ به تعليم وارو وزير رهي چڪو آهيان، چئلينجن جو اندازو آهي، اسڪولن مان استادن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، نيون ڀرتيون ڪري رهيا آهيون، هاڻي اسڪول بند نه ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو