156

دادو ويجهو سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ نوجوان قتل، ڇڪتاڻ تيز

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو لڳ ڳوٺ ٻٽڙا پنهور ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ٻٽڙا ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر جھيڙو ٿي پيو. ڏنڊن ۽ ڪھاڙين جي آزادانه استعمال سبب 22 سالن جو الله بخش سولنگي سخت زخمي ٿي پيو. جنھن کي سول اسپتال آندو ويو، بعد ۾ کيس سيوھڻ اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. بي سيڪشن پوليس جهيڙي جي الزام ۾ ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو