102

صحافين ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافين وفاقي حڪومت جي سخت قانون تي ٻڌل پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪندي پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو، اسلام آباد ۾ سڄي ملڪ مان صحافتي تنظيمن جي عهديدار ۽ ڪارڪنن پي ايم ڊي اي خلاف احتجاج ڪيو ۽ پارليامينٽ سامهون پهچي ڌرڻو هنيو. صحافين جي احتجاج ۽ ڌرڻي ۾ اپوزيشن سياسي جماعتن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، جڏهن ته وڪيل، برطرف سرڪاري ملازم، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا به ڌرڻا ۾ شريڪ ٿيا. ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ خلاف صحافين اسلام آباد پريس ڪلب کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي حڪومت مخالف نعريبازي به ڪئي وئي، گڏوگڏ احتجاج ڪندڙن تڪراري قانون واپس وٺڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو. واضح رهي ته صحافين سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب دوران به احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.  اسلام آباد ۾ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف صحافتي تنظيمن جي احتجاجي مظاهري ۾ اپوزيشن جماعتن ن ليگ، پ پ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته سموريون اپوزيشن جماعتون ان بل کي رد ڪن ٿيون، پي ايم ڊي اي ذريعي حڪومت اونداهي آڻڻ چاهي ٿي، اهو ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ادارو آهي. ان کان اڳ شاهد خاقان عباسي چيو ته ميڊيا ورڪرن سان گڏ آهيون، سڄي دنيا ۾ صحافت ڏينهون ڏينهن آزاد ٿيندي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ اهڙا قانون آندا پيا وڃن، جن سان صحافت کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو