ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن ( پي ٽي وي ) جو دورو ڪيو ان موقعي تي پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله پنهنجي اسٽاف سان گڏ وفاقي وزير جو استقبال ڪيو پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر ڪراچي سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو وفاقي وزير سان تعارف ڪرايو ان موقعي تي وفاقي وزير ڪراچي سينٽر جي پروگرامن ، حالات حاضره ۽ نيوز جي سربراهن کان انهن جي شعبن جي ڪارڪردگي بابت معلوم ڪيو ۽ ان سان گڏ انهن کان مسئلن بابت معلومات ورتي ، جنرل مئنيجر پي ٽي وي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي ويزن کي ساراهيو آخر ۾ وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ وڃي اسٽاف کان به بريفنگ ورتي.
