پنوعاقل ( ويب ڊيسڪ) سانگي پوليس ايس ايڇ او محمد خان سيال جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ پير بخش تڙت ۾ اوطاق تي چڙھائي ڪئي، پوليس تشدد ۾ اوطاق ٻاھران مال چاريندڙ اڌڙوٽ ڌنار سالو تڙت جتوئي فوت ٿي ويو، سانگي پوليس فوتي جو لاش تعلقي اسپتال کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، اسپتال ۾ موجود اھلڪارن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي روڊ تان لاش مليو، سڃاڻپ ناهي ٿي، اطلاع تي فوتي جا وارث تعلقي اسپتال پھچي ويا، جن سانگي پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته اسان جو ھمراھ ڳوٺ ٻاھران مال چاري رھيو ھو، ايس ايڇ او سانگي محمد خان سيال ظلم ڪيو آھي، پوليس اٽالا بلا جواز ڳوٺ تي چڙھائي ڪري اسان جي ھمراھ کي ماريو آھي، پوليس معاملي کي لڪائڻ لاءِ اسان کي اطلاع به نه ڪيو، ھنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر کان گھر ڪئي آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سانگي محمد خان سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ پيربخش تڙت ۾ جوا تي ڇاپو هنيو، جتان جواري فرار ٿيا، جنهن دوران هڪ جواري سالو تڙت ڀاڄ ۾ ڪري فوت ٿيو، جڏهن ته 3 جواري گرفتار ڪيا آھن.
116