118

پيپلز پارٽي پاران ڪراچي ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ جي ٽن وارڊن تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخوست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ جي ٽن وارڊز تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست، پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ وزير اطلاعات سعيد غني چيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ پ پ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي طور سامهون آئي آهي، وفاقي وزيرن اسد عمر ۽ علي زيدي جا سنڌ حڪومت تي الزام سراسر غلط آهن، وفاقي سرڪار ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ٽن سالن دوران هڪ به وڏو منصوبو ناهي ڏنو، صوبائي وزير سعيد غني ڪالهه پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران اهڙو اظهار ڪيو، ان موقعي تي پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، جاويد ناگوري، نجمي عالم ۽ ٻيا موجود هئا. سعيد غني چيو ته گذريل ڏينهن ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪراچي جي 6 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پيپلز پارٽي سمورين سياسي جماعتن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا ۽ اهڙي ريت ڪراچي جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت بڻجي سامهون آئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي 6 ڪنٽونمينٽ ۾ 39 اميدوارن مجموعي طور تي 22135 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته ٻئي نمبر تي اچڻ واري پي ٽي آئي جي 42 اميدوارن 19483 ووٽ، جماعت اسلامي 16422 جڏهن ته ڪراچي جي دعويدار ايم ڪيو ايم صرف 10790 ووٽ ئي حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته پپيلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي، جنهن 6 جا 6 ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ سيٽون حاصل ڪيون ۽ اسان کي 11 سيٽن تي ڪاميابي ملي، جڏهن ته اسان جا ٽي اهڙا اميدوار آهن جنهن جي ڪامياب ٿيندڙ جي ووٽن ۾ صرف 1 کان ٽن ووٽن جو فرق آهي ۽ اتي اسان ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي آهي ڇوته اتي رد ٿيل ووٽن جي تعداد 12 کان 16 جي وچ ۾ آهي. سعيد غني چيو ته سڀ کان وڏي ۽ خاص ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جنهن تي پي ٽي آئي هميشه دعويٰ ڪيو آهي ته هو ان جا ووٽرز آهن اتان کان 4 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته اتان کان پي ٽي آئي کي 2، جماعت اسلامي کي 2 ۽ 2 اميدوار آزاد ڪامياب ٿيا آهن. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ مجموعي طور تي ڪنٽونمنٽ جي چونڊن کي ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي جنهن کي سڀني کان وڌيڪ ووٽ مليا ۽ سڀني ڪنٽونمينٽ ۾ سيٽون مليون آهن ۽ اهو اسان جي ان دعويٰ کي ثابت ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جيڪي ڪم ڪيا آهن ان کي عوام ساراهي ٿو. سعيد غني چيو ته گذريل ڏينهن اسد عمر، علي زيدي سميت پي ٽي آئي جي ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس جي دوران الزام لڳايو ته وزير اعليٰ سنڌ وفاق پاران ڪرايل ڪمن جي مخالفت ڪئي آهي جيڪا مڪمل طور تي غلط آهي، هن چيو ته اسان کي وفاق پاران انهن جي ايم اين ايز پاران ڪم ڪرائڻ تي اعتراض ناهي پر انهن جي طريقيڪار تي اعتراض آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت واحد صوبائي حڪومت آهي جنهن بجيٽ ۾ ويڪسينيشن لاءِ بجيٽ رکيو ۽ سان وفاق کان ڪيترائي ڀيرا گھر ڪئي ته هو پاڻ ويڪسين گھرائي رهيا آهن سان کي قيمت ٻڌائين ته اسان به ويڪسين گھرائي سگھون باقي وفاق سنڌ جي عوام کي ويڪسين ڏئي ڪو احسان ناهي ڪيو ڇو ته اها باقي صوبن کي به فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ کي ان جو آئيني ۽ قانوني حق ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پريس ڪانفرنس جي دوران اسد عمر جيڪي ڳالهيون سنڌ حڪومت ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي باري ۾ ڪيون اهي سڀئي حقيقت ۽ سچ جي ابتڙ آهن ۽ ان سمورين ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو جنهن جي اسان شديد مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن جي دوران ڪو هڪ منصوبو به سنڌ لاءِ شروع ناهي ڪيو ۽ جن گرين لائين، ڪي فور، ڪي سي آر ۽ ٻين جو دعويٰ ڪري رهيا آهن اهي ماضي جي حڪومتن جا منصوبا آهن ۽ اهي به انهن جي ٽن سالن ۾ مڪمل ناهين ٿيا. حافين جي سوالن جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ به وفاق ڪيترائي کاتا زبردستي اڃان تائين پاڻ وٽ رکيا آهن. جنهن ۾ اي او بي آئي، ورڪرز ويلفيئربورڊ، انفارميشن ريگيليٽري اٿارٽي ۽ ٻيا شامل آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي پي ٽي آئي حڪومت جي ٻئي واردات آهي ۽ ان جي ذريعي ميڊيا کي ملندڙ ٿوري آزادي کي ختم ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن  ملڪ ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ 63 ۽ (ن) ليگ 59 وارڊن ۾ ڪامياب ٿيا، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن تحت پي ٽي آءِ  63، (ن) ليگ 59، آزاد اميدوار 52 ۽ پيپلزپارٽي جا 17 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، جڏهن ته  متحده قومي موومينٽ جا 10، جماعت اسلامي جا 7، بلوچستان عوامي پارٽي جا 2 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا 2 اميدوار ڪامياب ٿيا، هوڏانهن سنڌ جي ڪنٽومينٽ بورڊز جي 63 وارڊن ۾ پي ٽي آءِ 14، پيپلزپارٽي 14، ايم ڪيو ايم 10 ۽ 7 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، مسلم ليگ (ن) 3 ۽ جماعت اسلامي 5 وارڊن ۾ ڪامياب ٿي آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ به پي ٽي آءِ 18 وارڊن ۾ ڪامياب قرار.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو