145

مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار گرفتار ٿي سگهن ٿا ته صحافين تي حملي جا جوابدار ڇو نه ٿا پڪڙجي سگهجن؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ صحافين کي حراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊي جي ايف آءِ اي، پيمرا چيئرمين ۽ آءِ جي اسلام آباد ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيا ويا، جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار گرفتار ٿي سگهن ٿا ته صحافين تي حملي جا جوابدار ڇو نه ٿا پڪڙجي سگهجن؟، صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن کي ذاتي فعل جو تحفظ نه ڏينداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي صحافين سان مسئلو آهي ته قانوني رستو وٺي، جج رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته  گوليون هڻڻ ۽ تشدد ڪرڻ لاقانونيت آهي، آءِ جي اسلام آباد يقيني بڻائي ته صحافين تي حملو ڪندڙ گرفتار ٿيندا،  اسلام آباد ۾ هڪ صحافي کي پيٽ ۾ گولي هنئي وئي، پوليس جي اها ناڪامي آهي ته اڃا تائين جاچ شروع نه ٿي سگهي آهي، آزادي صحافت کي ريگيوليٽ آئين جو آرٽيڪل 19 ڪري ٿو، جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته  ايف آءِ اي سميت ڪنهن اداري کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.عدالت ڌرين جي دليلن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو