146

وفاقي حڪومت پاران 10هين ۽ 12هين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پاس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران 10هين ۽ 12هين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ بين الصوبائي وزيرن جي تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾  حڪومت 10هين ۽ 12هين جماعت جي شاگردن کي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فيل ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 33 مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويندو، تعليم واري وزارت جي ذريعن موجب ڪورونا وائرس سبب ٻيهر تڪڙا امتحان ممڪن ناهن، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ جا امتحان سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندا، وڌيڪ چيو ويو ته امتحانن کي سپليمينٽري امتحانن جو نالو نه ڏنو ويندو، ايندڙ سال مئٽرڪ جا امتحان مئي ۽ جون ۾ ٿيندا، جڏهن ته نئون سيشن آگسٽ کان شروع ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو