155

ڦل ڀرسان جانوري برادري ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو، گولي لڳڻ سبب ماروٽ هٿان پفاٽ قتل

ڦل/ نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) ڦل شھر ڀرسان ڳوٺ خير محمد جانوري ۾ جانوري برادري جي الھوڌايو جانوري ۽ ننگر جانوري ۾ ٻه ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان ھلندڙ تڪرار سبب جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ ماروٽ غلام مرتضيٰ جانوري جي هٿان گولي لڳڻ سبب ڳڀرو نوجوان شھزادو جانوري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشھروفيروز اسپتال نيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، سندس ڳوٺ اطلاع ملندي ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ فوتي نوجوان جي گھر ۾ قھرام مچي ويو، مقتول نوجوان جي سندس ڳوٺ ۾ جنازه نماز ادا ڪري اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ياد رھي ته ھلندڙ تڪرار جو نبيرو شام جو تر جي نيڪ مرد سيٺ رحمت علي کوکر وٽ رکيل ھو پر ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ نوجوان قتل ٿي ويو، ٻئي پاسي مقتول جي ڀاءُ اربيلو اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ کي زرعي زمين جي تڪرار تان غلام مرتضيٰ جانوري ۽ بهادر علي رند قتل ڪيو آھي، هوڏانهن ڦل ٿاڻي جي ايس ايڇ او راڻا جمشيد راجپوت مطابق مقتول نوجوان شھزادو جانوري جا وارث ايندا ته ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي. آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري نه ٿي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو