124

چيف جسٽس پاران ججز مقرريءَ تي بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن کي ڳالهين جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسسٽس، جسٽس گلزار احمد ججز مقرريءَ تي بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، نئين عدالتي سال جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته ججز مقرريءَ تي هميشه بار ڪائونسلز کان راءِ ورتي آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته احتجاج جو سبب ڇا آهي،  بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن جي لاءِ هن وقت به دروازا کليل آهن، ججز مقرريءَ تي انهن کي ڳالهين جي آڇ ڪيان ٿو، ان موقعي تي اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان خطاب ڪندي چيو ته اعليٰ عدليه ۾ عورت ججن جي کوٽ اڌ آبادي کي نمائندگي کان محروم رکندي،  سينارٽي تي ججن جي مقرريءَ جو مسئلو لاڳاپن ۾ بگاڙ جو سبب بڻيو، پسند ۽ ناپسند جو عنصر ختم ڪري سگهجي ٿو، بئنچ ۽ بار جي وچ ۾ ايتريون وڇوٽيون ڪڏهن نه هيون، هاڻي وڪيل هڙتال ڪن ٿا ۽ عدالت جا دروازا بند ڪري ڇڏين ٿا، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر امجد شاهه ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جو عدالتي نظام خاص طور تي هيٺين عدالتن ۾ شفاف ۽ فوري انصافي جي فراهمي اطمينان جوڳي ناهي، اها ڳالهه سارهه جوڳي آهي ته اڳوڻي وزيراعظمن جي ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ڪري فيصلا ڪيا، پر 2 ڀيرا آئين پائمال ڪندڙ آمر جو ڪيس اڄ تائين ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ناهي ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو