120

چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين، پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان چيني ڪمپنين جي سربراهن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات دوران چيني سفير نونگ رانگ موجود هو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين، پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا، حڪومت ”ايز آف ڊوئنگ بزنس“جي پاليسي تي عمل ڪري پئي، سيڙپڪارن کي مراعتون فراهم ڪيون پيون وڃن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته انتظامي معاملن کي پڻ سولو بڻايو پيو وڃي، مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ چيني وفد سان هر مهيني اجلاس ڪنداسين، پاڪستان چين جي صنعتي شعبي جي ترقي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو، سيڙپڪاريءَ سان افرادي قوت هنر سکندي،  پاڪستان ۾ وچين ۽ ننڍي صنعت جي ترقي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، چيني ڪمپني سيڙپڪاري لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو