130

ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ 67 ڄڻا فوت، 2988 ڪيس پازيٽو، سنڌ ۾ 18 مريضن دم ڏنو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ 67 ڄڻا فوت، 2988 ڪيس پازيٽو، سنڌ ۾ 18 مريضن دم ڏنو، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 5.62 سيڪڙو رهي، فعال ڪيسن جو تعداد 90545 تائين پهتو، هوڏانهن  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7177 ٿي ويو آهي جڏهن ته 13870 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 676 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 19 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7177 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 13870 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 676 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪي 4.9 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5765215 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 445530 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 88.3 سيڪڙو يعني 393393 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 4912 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 44960 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 44228 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 697 مختلف اسپتالن ۾ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 615 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 48 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 676 نون ڪيسن مان 164 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 75، ڏکڻ 28، ڪورنگي 23، سينٽرل 22، ملير 13 ۽ اولهه 3 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 101، مٽياري 46، بدين ۽ سانگهڙ 31-31، نوشهروفيروز 27، قمبر 25، ٿرپارڪر 24، ٺٽو 23، ميرپورخاص 21، ٽنڊو محمد خان 20، دادو ۽ شهيد بينظير آباد 19-19، گهوٽڪي ۽ ٽنڊوالهيار 18-18، سکر 17، لاڙڪاڻو 14، شڪارپور 13، جيڪب آباد 11، عمرڪوٽ 9، خيرپور 3، ڄامشورو ۽ ڪشمور 1-1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو