122

واپارين ۽ صنعتڪارن ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ هميشه ساٿ ڏنو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته واپارين ۽ صنعتڪارن ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ هميشه ساٿ ڏنو آهي سمورن ادارن جو هميشه شهر جي ترقي لاءِ سرگرم رهڻ ضروري آهي. صنعتي علائقن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن. سائيٽ جي علائقي ۾ 17 تعمير هيٺ روڊن جو ڪم هن ئي سال مڪمل ٿي ويندو. اها ڳالھ هن سائيٽ ايسوسي ايشن آف انڊسٽري جي دوري جي موقعي تي ڪئي. صوبائي اسيمبلي جو ميمبر لياقت آسڪاڻي، وزير اعليٰ سنڌ جا خاص مددگارن آصف خان، علي احمد جان، ڊپٽي ڪمشنر ڪيماڙي، ۽ غربي به موجود هئا. ان موقعي تي سائيٽ ايسوسي ايشن جي عهديدارن کيس دفتر اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ان کان پوءِ سائيٽ ايسوسي ايشن ۽ گورننگ باڊي سان خطاب ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مان پاڻ سائيٽ ايسوسي ايشن جي دفتر آيو آهيان ته جيئن اوهان جا مسئلا حل ڪري سگھان. سائيٽ جي علائقي ۾ وڏي انگ ۾ واپاري ۽ صنعتي يونٽس موجود آهن جتي سمورو سال پيداواري ۽ واپاري سرگرميون رهنديون آهن ڪراچي جو هي وڏو صنعتي علائقو وڏي انگ ۾ ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي سائيٽ جي علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. علائقي ۾ سيوريج جا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ان کان سواءِ روزانو 50 ملين گيلن پاڻي سائيٽ جي علائقي ۾ پهچائڻ تي به ڪم جاري آهي. هن چيو ته ڪراچي جي سمورن صنعتي زونز ۾ انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪيو ويندو ته جيئن انهن علائقن ۾ واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي ملي سگھي ۽ ملڪي معيشت ۾ واڌاري جو ذريعو بڻجي سگھي. ٻين صنعتي ايسوسيئيشن سان به رابطي جو سلسلو جاري رهندو ۽ سائيٽ ايسوسي ايشن جي مشوري سان سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ان موقعي تي سائيٽ جي علائقي ۾ وڻڪاري جي مهم جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي سائيٽ ايسوسي ايشن پاران ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي شيلڊ پيش ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو