124

عمران خان مثبت ۽ تعميري سياست جو سبق ڪڏهن سکيو ئي ناهي: شازيه مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان مثبت ۽ تعميري سياست جو سبق ڪڏهن سکيو ئي ناهي ۽ نيازي حڪومت جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ايندڙ عام چونڊن ۾ انڌي ڌانڌلي جي منصوبابندي آهي جڏهن ته پاڪستان اليڪشن ڪميشن کي باھ ڏيڻ جا لفظ به عمران خان چيا آھن، اھڙين ڳالهين جا اظهار ڪالهه ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تي وفاقي وزيرن جي ڪاوڙ عمران خان جي سوچ جي عڪاسي آهي ۽ عمران خان مست ڍڳو ٿي ڪري ملڪي ادارن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو،  ھن چيو ته پارليامينٽ ۾ هر جمهوريت پسند اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شازيا مري چيو ته نااھل حڪومت طرفان پي ايم ڊي اي جو مقصد ڪرپشن ۽ ڌانڌلي کي لڪائڻ آهي جنهن کي پيپلز پارٽي رد ڪري ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو