98

دائوجهانپور ڀرسان درگاهه تي زيارت لاءِ آيل عورت کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

دائوجهانپور (ويب ڊيسڪ) دائوجهانپور ڀرسان درگاهه تي زيارت لاءِ آيل عورت کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد درگاهه لعل شاهه بري تي آيل فوزيه زال ساجد کوسو مٿان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، ڪلاشنڪوف جا برسٽ لڳڻ سبب عورت موقعي تي دم ڏنو، واقعي بعد هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، هوڏانهن دوداپور ۽ پنهون ڀٽي ٿاڻن جي پوليس ۾ حد جي تڪرار سبب لاش 2 ڪلاڪ پيل رهيو، جنهن بعد پنهون ڀٽي ٿاڻي جي پوليس لاش کڻائي ڳڙهي خيرو اسپتال منتقل ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه مڙس حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن عورت جي مڙس ساجد کوسي ٻڌايو ته زال مون سان گڏ درگاهه تي آيل هئي، نامعلوم هٿياربندن کيس قتل ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس ذريعن ”سوڀ“ کي ٻڌايو ته عورت کي ڏير ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو