اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گئس ڪمپني اڄ کان چئن ڏينهن لاءِ گئس جي کوٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، سوئي سدرن گئس ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايل اين جي ٽرمينل تي ڪم سبب 4 ڏينهن گئس جي کوٽ ٿيندي، اڄ کان 17هين سيپٽمبر تائين مختلف علائقن ۾ گهرن ۾ به گئس کوٽ ٿي سگهي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ نوري آباد پاور ڪمپني کي گئس جي فراهمي پڻ گهٽ ٿيندي.
128