120

دروات ڊيم جي اڏاوت، واعدا ۽ عوام جون اميدون

ليکڪ: شيخ عبدالله ڪوهستاني

هي ڊيم ٽڪو بارڻ کان شروع ٿيندڙ مشهور برساتي نئين بارڻ جي سورجاڻي جبل مان گذرڻ واري جڳهه پاڻي جو لنگهه جنهن کي پاڻي جو در يا وات چيو وڃي ٿو، جنهنڪري هن ڊيم جو نالو دروات سڏيو وڃي ٿو، جيڪو بگاڙي دراوت ڪيو ويو آهي، هي ڊيم حيدرآباد کان اولهه طرف 68 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ ڪراچي کان 112 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ضلعي ڄامشوري ۽ ٺٽي جي حدن ۾ موجود آهي، هن ڊيم جو مقصد ضايع ٿيندڙ برساتي پاڻي کي گڏ ڪري ذخيرو ڪرڻ آهي ته جيئن علائقي جي ويران زمين سيراب ٿي سگهي، هن ڊيم منجهان ڪاٿي موجب 25 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهجي ٿي، هن جو مين مقصد اتان جي غريب هارين کي خوشحال ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو، ڊيم جي بند جي اوچائي 151 فوٽ آهي، جڏهن ته ڊيم جي مجموعي ڊيگهه هڪ هزار 4 فوٽ آهي، هن جي پائيداري ۽ حياتي جو مدو تقريبن 50 سال ٻڌايو ويو آهي، هن ڊيم ۾ 121605 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگهي ٿو، ان منجهان استعمال ٿيندڙ پاڻي 89177 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هاءِ فيلڊ ليول 39324 فوٽ آهي، ڊيم ۾ ڪتب آيل زمين جي ايراضي تقريبن 10500 ايڪڙ آهي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سطح 36 هزار 925 فوٽ آهي، وڌ کان وڌ وهڪرو 127132 ڪيوسڪ آهي، پاڻي خارج ڪرڻ جو نظام ڪي جي منٽ جو رقبو 1216 چورس ميل آهي، وڌ کان وڌ وهڪري جي ڊزائن 156 ڪيوسڪ آهي، آبپاشي نظام جي ڊيگهه 40 ميل آهي ۽ ڪمانڊ ايريا 25 هزار ايڪڙ آهي، ان منصوبي جي تڪميل تقريبن ٽن سالن ۾ مڪمل ٿي ۽ 9.3 بلين لاڳت سان هن منصوبي جي تڪميل ٿي، هي ڊيم ضلعي ڄامشوري ۽ ٺٽي جو سڀ کان وڏو برساتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو منصوبو آهي، هن ڊيم جي پيڙهه جو پٿر توڙي افتتاح ان وقت جي صدر آصف علي زرداري ڪيو هو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ڊيم جي رٿا ۾ ڪيل ڳالهين تي عمل ڪيترو ٿئي ٿو؟ مقامي هارين کي ڪيتريون زمينون الاٽ ڪري ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ڪيترو انهن ۾ خوشحالي اچي ٿي؟ جيئن ڪراچي جي ويجهو حب ڊيم جي چئني پاسن وارا علائقا گل گلزار ٿي ويا آهن پر هتي اڃا تائين ته ويراني ڇانيل نظر اچي ٿي. الله ڪري اسان جا اهي خواب ساڀيان ٿين ۽ ڪوهستان جون زمينون سرسبز ۽ شاداب ٿين ۽ هنن علائقن ۾ هن ڊيم جي بهاني سان ڪا غيرن جي آبادڪاري نه ٿئي جو هتان جي امن امان ۽ ثقافت تي کي ڇيهو ڏيندڙ نتيجا نڪرن، هن اسڪيم ۾ هڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ان وقت جي صدر آصف علي زرداري غريب هارياڻين ۾ 16-16 ايڪڙ زمينن جي مالڪيءَ جا ڪاغذ ورهايا هئا، انهن تي اڃا تائين ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي، نه وري ڪا زمين غريب هارياڻين کي ملي سگهي آهي. هي ڊيم پاڻيءَ جو ذخيرو هجڻ سان گڏ هڪڙي سياحتي مرڪز جو پڻ ڏيک ڏئي ٿو پر ان جي دوري لاءِ ڪوبه خاطر خواهه انتظام ٿيل ناهي، نه وري ان ڊيم کي سنڀالڻ ۽ پرگهور لهڻ لاءِ ڪو مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو آهي، هن وقت رڳو ڪجهه چوڪيدار مقرر ٿيل آهن، اهي به ٻين علائقن کان هتي اچي ڀرتي ڪيا ويا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن ڊيم سان لاڳاپيل سڀني ذميوارين تي مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ۽ هارياڻين کي اعلانيل زمين باقاعده ڏني وڃي ۽ ڊيم جي چئني پاسي گهمڻ ڦرڻ جا تفريحي مقام، باغ، باغيچا جوڙيا وڃن ۽ اتي جو امن قائم ڪرڻ لاءِ مضبوط ۽ منظم سيڪيورٽي نظام ٺاهي اتي رهائشي هٽ ۽ هوٽلون پڻ قائم ڪيون وڃن ته جيئن تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سهولتون ميسر ٿي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو