121

استادن جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ ۽ ميرٽ جو سوال….؟؟؟

ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ حڪومت طرفان پوري صوبي جي مختلف ضلعن ۽ ڊويزنل هيڊڪوارٽرن اندر پهريان جي ايس ٽي جي ٽيسٽ ۽ پوءِ وري ٻئي مرحلي ۾ پي ايس ٽي جي ٽيسٽ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ اميدوارن کي سلپون پڻ جاري ٿي چُڪيون آهن. ڄاڻايل ٽيسٽ مرحليوار ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن به سنڌ حڪومت طرفان ڏنو ويو آهي. سال 2018ع کانپوءِ جتي هزارين ماسترين جون جايون خالي ٻڌايون پيون وڃن، تن جي لکت واري ٽيسٽ سيبا ٽيسٽنگ سروس پاران ورتي پئي وڃي، جاري ڪيل سلپن ۾ ڪجهه سخت هدايتون به جاري ٿيل آهن. مجموعي طور تي آيل رپورٽن موجب ۽ سنڌ حڪومت جي مختلف وقتن تي ٿيل اعلانن مطابق هن وقت تائين هزارن جي تعداد ۾ ماستري جون نوڪريون خالي پيل آهن ۽ اِهي به اعلان ٻڌا ويا ته اهي ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون، گڏوگڏ سنڌ حڪومت اڳ وانگر اِها پاليسي به واضح ڪري چُڪي آهي ته ڀرتيون يونين ڪائونسل سطح تي ٿينديون ۽ اها به وضاحت ٿي چُڪي آهي ته انهي يونين ڪائونسل سطح وارين ڀرتين ۾ نه رڳو ٽيسٽ ۾ حاصل ڪيل وڌيڪ مارڪن تي غور ڪيو ويندو پر گڏوگڏ ميٽرڪ کان وٺي ماسٽر يا گريجوئيٽ جي ڊگرين ۾ حاصل ڪيل ٽاپ گريڊ کي ائين اوليت ڏني ويندي جيئن اڳ ڪيل ڀرتين ۾ ميرٽ ڪئي وئي هئي، ماضي قريب ۾ به ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ساڳيا ئي اعلان، نوٽيفڪيشن، سخت هدايتون به جاري ٿيون هيون ۽ تقريبن پاليسي به ساڳي ئي هئي ته يوسي سطح تي پرائمري ماستري جون ڀرتيون ٿينديون، شايد سال 2012ع جي جون واري مهيني ۾ اهڙي قسم جو اشتهار مختلف اخبارن ۾ ڏئي لکين هزارين درخواستون به وصول ڪيون ويون ۽ اهڙي ٽيسٽ سال 2013ع ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سروس معرفت ورتي وئي، انهي ٽيسٽ اندر ناانصافي ۾ حيدرآباد ضلعي جي يونين ڪائونسل هوسڙي جو ته آئون پاڻ گواهه آهيان، انهي يونين ڪائونسل جي ٽن ڪامياب نياڻين علوينه خالد، سپنا ۽ شمائلا ارم ٽيسٽ ته وڏي ڪاميابي سان پاس ڪئي پر مقاني کاتي جي عملدارن روايتي طور ٻين يونين ڪائونسلن جي اميدوارن جا ڪوڙا ڊوميسائيل جمع ڪري سندن حق تي ڌاڙو هنيو ۽ ايستائين جو آفر ليٽر، ميڊيڪل رپورٽ ۽ ٻيون سڀ گهرجون پوريون ڪرڻ باوجود اين ٽي ايس پاس نياڻين کي پوسٽنگ آرڊر ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. انهن نياڻين سال 2014ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي حق تي ڌاڙو هڻي ٻاهرين يوسيز جي اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا پيا وڃن، خير اعليٰ عدالت ته انهن نياڻين سان پورو انصاف ڪيو ۽ سندن لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ عملدارن کي مڃڻو پيو پر جيڪا ماضي ۾ انهي ٽيسٽ دوران ميرٽ جي دعويٰ هئي سا اکين آڏو ۽ ان جا ثبوت به موجود آهن، انهي سال ۾ آئون هي ته مختصر سنڌ جي ٻئين نمبر وڏي شهر حيدرآباد جو ذڪر ڪيو آهي پر منهنجي ڄاڻ موجب هزارين اهل نوجوان اميدوارن سان ناجائزي ٿي، سال 2013ع وارين ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ جون  وڏي انگ آئيني پٽيشنون به مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ داخل ٿيون هيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي اڄ سوڌو التويٰ هيٺ آهن، سنڌ حڪومت سال 2017-2018ع ۾  وري اهڙا ئي اعلان به ڪيا پر نتيجن کانپوءِ وري به حال ساڳيا رهيا ۽ اڄ سوڌو اهي ڪامياب اميدوار به ائين ئي هاءِ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٽيسٽ پاس 170 اميدوارن پاران پنهنجي وڪيل معرفت آئيني پٽيشن داخل ڪرائيندي دانهيو آهي ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ به نوڪري نه ٿي ڏني وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي جسٽس صلاح الدين پنهور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايجوڪيشن سيڪريٽري ۽ ٻين عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته اسان هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ٽيسٽ پاس اميدوارن جو موقف ٻڌندي، جيڪڏهن موقف درست هوندو ته ان کي مڃيو ويندو، خدا ڪري انهن مسڪينن جي اولاد تي رحم جي نظر ڪندي کين حق ڏنو وڃي، مجموعي طور ڏسجي ته گذريل مختلف وقتن تي جيڪي به ڀرتيون ٿيون آهن سي تڪراري رهيون آهن، ۽ اصل اهل پڙهيل لکيل ۽ ايماندار ماڻهن کي نوڪريون ناهن مليون، هاڻ ته تعليم کاتي جو صوبائي وزير پنهنجي ئي بيان ۾ چئي رهيو آهي ته استادن پنهنجو وقار پاڻ ڪيرايو آهي، جيئن اسان سياستدانن وري سياست سان ساڳيو حشر ڪيو آهي. صوبائي وزير تعليم سردار شاهه جي ڳالهه سان متفق به آهيان ۽ اختلاف به رکندس. اسان جي مهذب معاشري ۾ اُهي استاد سڀ هڪجهڙا هرگز ڪونه آهن. جيئن پنج آڱريون برابر نه آهن. جيئن پوري ملڪ جي ٻين کاتن ۾ نااهل ماڻهو موجود آهن اهڙي طرح تعليم کاتي ۾ به آهن، پر جيڪڏهن تعليم کاتي جو وزير ئي استادن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندو ته پوءِ عام ماڻهو جو تاثر ڇا هوندو.  سيد سردار شاهه کان اڳ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني تعليم جي بهتري لاءِ جيڪي پاليسيون جوڙيون ۽ بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو ان سان گوسڙو استادن ۾ سڌارو ضرور آيو، اڄ به اسان وٽ نه رڳو قابل ترين پر پابندي ۽ ايمانداري سان پڙهائيندڙ استاد موجود آهن، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا. رپورٽن موجب هن وقت پوري سنڌ ۾ 10 هزار سرڪاري اسڪولن کي تالا لڳل آهن ۽ فرنيچر جي کوٽ آهي، جن ۾ ٿرپارڪر، گهوٽڪي، دادو، بدين، ٺٽو، سجاول، ڪشمور، خيرپور ۽ قمبر جا ضلعا سخت متاثر آهن،  مون شروعاتي سٽن ۾ نين ڀرتين بابت تذڪرو پئي ڪيو ۽ ٿورو ماضي به ياد اچي ويو، اِن ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته اڄ لکين نوجوان بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن ۽ ڪيئي نوجوان جن گذريل امتحانن ۾ ٽيسٽون ڏنيون سي اڄ سوڌو پنهنجي قابليت جا ڪاغذ هٿن ۾ کڻي تعليم کاتي جي عملدارن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، ويجهڙائي ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ عام ماڻهو يا اميدوار جو موقف هر وقت اهو ٻڌو پيو وڃي ته تعليم کاتو ڪيتريون به ميرٽ جون دعوائون ڪري، ڀرتين ۾ اهو ئي ٿيڻو آهي جيڪو ماضي ۾ ٿيو هو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هن ڀيري به هي ٽيسٽون تڪراري بڻجي وينديون، ان ڪري وقت کان پهريان سوچڻ جي ضرورت آهي ماضي جي ابتڙ هن ڀيري ٿيندڙ ڀرتين کي شفاف نموني نڀائي سنڌ جي ماڻهن سان واعدو وفا ڪري سرخرو ٿيڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو