اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته شريف ڪٽنب کي آئين جي بالادستي رڳو ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ بچائڻ لاءِ ياد ايندي آهي.رپورٽ مطابق شاهد خاقان عباسي جي بيان تي رد عمل ڏيندي شهباز گل چيو ته آئين جي بالادستي رڳو ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ بچائڻ لاءِ نواز ليگ کي ياد ايندي آهي. چور ۽ لٽيرا ملڪ کي اڳيان وڌڻ جي ڳالهه ڪندي شرم ڪن. هن چيو ته جمهوريت ۽ آئين جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وئي. ڪرپٽ سياستدانن ۽ انهن جي سهولتڪارن لاءِ پي ڊي ايم انهن لاءِ پريشاني جوڳي آهي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته ميڊيا جي نالي تي درٻارين جي هاڻي هڪ به نه هلندي. شاهد خاقان عباسي چور ساڌ کي ڳالهائڻ واري فارمولي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڻ ايل اين جي ۾ تاريخي ڪرپشن ڪندڙ صبح شام ايل اين جي معاهدن تي سياست ڪري رهيو آهي.
