ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ واقع شيپر پلازه ۾ 53 ورهين جي شخص آپگهات ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق ڪراچي جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ واقع شيپر پلازه ۾ 53 ورهين جي شخص سيد افسر پٽ سيد جمال زندگيءَ مان بيزار ٿي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيو . پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت تحقيقات جاري آهي.
