112

اسين چاهيون ٿا ته پاڪستان طالبان جي واعدن تي عمل تائين کين تسليم نه ڪري: آمريڪا

واشنگٽن  (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته  پاڪستان افغانستان ۾ اسان جي مفادن خلاف به ڪم ڪندو رهيو، اسين چاهيون ٿا ته پاڪستان طالبان جي واعدن تي عمل تائين کين تسليم نه ڪري. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تيستائين تسليم نه ڪري جيستائين اهي عورتن کي حق نه ٿا ڏين، جستائين اهي افغان ڌرتي کي دهشتگردن جي هٿان استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي واعدن تي عمل نه ٿا ڪن ۽ جيستائين اهي افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمندن کي اتان نڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين.  طالبان تي چٽو ڪري ڇڏيوسين ته اسين رڳو افغانن جي نمائندا حڪومت ئي تسليم ڪنداسين، بلنڪن وڌيڪ چيو ته  افغانستان ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو آهي اهو اتي آمريڪا سان سهڪار به ڪندو رهيو ته وري آمريڪا جي مفادن جي خلاف به ڪم ڪندو رهيو. هن وڌيڪ چيو ته اڳتي پاڪستان سان آمريڪا جي لاڳاپن جو بنياد ڇا ٿيڻ گهرجي ان جو جائزو  ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪري ورتا هئا ۽ وقت اچي ويو ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنج ڊگهي جنگ ختم ڪري پنهنجي فوج واپس گهرائي. افغانستان ُڌيڪ وقت رهڻ سان به جنگ ختم ٿيڻ جي ڪا پڪ نه هئي. چين چاهيو ٿي ته اسين اتي ڦاٿل ئي رهون، طالبان جا 5 هزار قيدي آزاد ڪرائڻ جو معاهدو آمريڪا جي  اڳوڻي حڪومت ڪيو هو ان تي عمل نه ڪرائڻ جي نتيجي ۾ آمريڪي فوج تي حملن جو خطرو هو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ سفارتي مشن شروع ڪيو ويو آهي، اسين افغانستان ۾آمريڪي توڙي افغان شهرين جي مدد ڪندا رهنداسين، جيڪي نڪرڻ چاهيندا انهن کي اتان ڪڍيو پڻ ويندو. ٻي پاسي آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر  ارويل هينس سالياني انٽيليجنس ۽ نيشنل سيڪيورٽي جي گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هاڻي دهشتگرديءَ جو گهڻو خطرو افغانستان مان نه پر صوماليا، يمن، عراق ۽ شام مان آهي ۽ خاص ڀور تي داعش مان خطرو آهي. افعانستان ۾ انٽيليجنس ڪميونٽي اڃان به دهشتگردن جي  اسرڻ تي نظر رکيو ويٺي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو