اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، پڌرائيءَ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ روسي صدر ٻه طرفي سهڪار تي به ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته وزيراعظم علائقائي سيڪيورٽي ۽ خوشحالي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاڳر ڪيو، پڌرائيءَ موجب وزيراعظم افغانستان لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي تڪڙي فراهمي ۽ معاشي بحران کان بچاءَ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان نازڪ مرحلي تي افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم مختلف شعبن ۾ پاڪ روس سهڪار وڌائڻ تي به زور ڏنو ۽ گڏوگڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، پڌرائيءَ موجب وزيراعظم روسي صدر کي پاڪستان دوري جي دعوت ڏني، جڏهن ته ولاديمير پيوٽن به عمران خان کي دوري جي دعوت ڏني.
111