اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ گئس جو استعمال گهٽ ڪرڻ لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جو پئڪيج منظور ڪيو ويو آهي. ان پئڪيج جي منظوري ڪابينا جي توانائي واري ڪميٽيءَ ڏني آهي. ان پئڪيج هيٺ 300 يونٽن تائين استعمال ٿيل بجليءَ جي في يونٽ تي ساڍا 3 روپيا گهٽ ٿيندا. 300 يونٽن تائين بجليءَ جو هن وقت في يونٽ 19 روپين جو آهي پر پئڪيج هيٺ اهو اگهه 16 روپيا 66 پئسا ٿيندو. پئڪيج پهرين نومبر کان 28 فيبروريءَ تائين ملندو، سستي بجليءَ واري ان پئڪيج ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي پڻ شامل ڪيو ويندو. ڪميٽيءَ ۾ ڪمرشل ۽ جنرل سروسز وارن صارفين لاءِ بجليءَ جو 12 روپيا 96 پئسا فڪس ريٽ رکڻ جي به منظوري ڏني وئي، ان کان علاوه توانائي واري ڪميٽيءَ 11 آءِ پي پيز کي رهتون ڏيڻ ۽ آئل ريفائننگ پاليسي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.
95